صدر آصف علي زرداري پاران ملتان جي علائقي حسين آگاهي ۾ آتش بازي جي سامان ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد - 04 آگسٽ (اي پي پي)  صدر آصف علي زرداري ملتان جي علائقي حسين آگاهي ۾ آتش بازي جي سامان ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ لاڳاپيل عملدارن کي زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهن ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومن کي پنهنجي رحمت ۾ جاءِ ڏي ۽ پونيئرن کي صبر جميل عطا فرمائي، صدر آصف علي زرداري لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هن واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن کي بهترين طبي امداد فراهم ڪئي وڃي، تفصيلن جي مطابق هي واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن اتي رکيل آتش بازي جي سامان کي باهه لڳي وئي ۽ ٿيندڙ ڌماڪي جي نتيجي ۾ عمارت ڪري وئي.