>

 

منهنجو پٽ علي موسيٰ گيلاني سپريم ڪورٽ جي آڏو پيش ٿيڻ لاءِ رضاڪاراڻا طور تي تيار آهي، چيف جسٽس منهنجي پٽ جو ڪيس پنهنجي پٽ جو سمجهي ٻڌي، ارسلان چوڌري ڪيس مان پيپلزپارٽي يا فوج کي فائدو پهچڻ جو تاثر غلط آهي، پيپلزپارٽي جي حڪومت کي عدليه نه پر عوام چونڊيو آهي، اسان ته عدليه کي بحال ڪيو آهي: وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني
لاهور - 10 جون (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته منهنجو پٽ علي موسيٰ گيلاني سپريم ڪورٽ جي آڏو پيش ٿيڻ لاءِ رضاڪاراڻا طور تي تيار آهي، چيف جسٽس منهنجي پٽ جو ڪيس پنهنجي پٽ جو سمجهي ٻڌي، منهنجو پٽ ايف آءِ اي ۽ اي اين ايف جا چڪر هڻي رهيو آهي، ارسلان چوڌري ڪيس مان پيپلزپارٽي يا فوج کي فائدو پهچڻ جو تاثر غلط آهي، پيپلزپارٽي جي حڪومت کي عدليه نه پر عوام چونڊيو آهي، اسان ته عدليه کي بحال ڪيو آهي، ملڪ رياض جا ملڪ ۾ هر ڪنهن سان سٺا لاڳاپا آهن، جمهوري طاقتون غير جماعتي چونڊن تي يقين نٿيون رکن، پنجاب ۾ بلدياتي چونڊون پارٽي بنياد ۽ سپريم ڪورٽ جي هدايت موجب ٿيڻ گهرجن.جمهوريت جو درس ڏيندڙ پنجاب ۾ پارٽي بنيادن تي بلدياتي چونڊون ڪرائين ۽ 80ع جي ڏهاڪي جي سياست کي ختم ڪري دنيا کي مثبت پيغام ڏين، پنجاب حڪومت بهاولپور صوبي ۽ ڏکڻ پنجاب لاءِ پاڻ قراردادون منظور ڪري بجيٽ ۾ انهن لاءِ ڪو به فند مختص نه ڪري ٻٽو معيار اختيار ڪيو آهي، ملڪ ۾ امپورٽيڊ ۽ ٻٽي شهريت رکندڙ وزيراعظم آيا ۽ انهن کي تسليم به ڪيو ويو ٻٽي شهريت جي حوالي سان قانون پهرين موجود هو ته ان تي عمل ٿيڻ گهرجي ها، اسان جيلن کان نٿا ڊڄون، پيپلزپارٽي سڀني کي گڏ کڻي هلي رهي آهي پر (ن) ليگ ته مخالف ڌر کي به گڏ کڻي هلي نٿي سگهي، (ن) ليگ قومي اسيمبلي ۾ هنگامو ڪري عوام کي پنهنجي نمائندن جو آواز ٻڌڻ کان محروم ڪري ڇڏيو، اسان کي قانون ٽوڙيندڙ هجڻ جي بدران قانون ٺاهيندڙ  هجڻ گهرجي، ڏکڻ پنجاب جي صوبي لاءِ جلد آئيني ترميم آڻينداسين، آمريڪا سان پارلياماني ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ ڳالهيون هلي رهيون آهن ۽ جهڙي طرح نيٽو سپلائي جي بندش جي وقت قومي امنگن جي ترجماني ڪئي وئي اهڙي طرح نيٽو سپلائي جي بحالي سميت سمورن معاملن ۾ وسيع تر قومي مفاد کي مٿانهون رکيو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ سمورين لاڳاپيل ڌرين کي اعتماد ۾ وٺنداسين، هو ڪالهه آچر ڏينهن اسٽيٽ گيسٽ هائوس لاهور ۾ سينئر صحافين سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو، وزيراعظم چيو ته قومي اسيمبلي ميمبر علي موسيٰ گيلاني ايف آءِ اي ۽ اي اين ايف جي روبرو پيش ٿيندو رهيو آهي، منهنجو پٽ سپريم ڪورٽ ۾ روبرو پيش ٿيڻ لاءِ رضاڪارڻي طور تي تيار آهي، وزيراعظم ان تاثر کي رد ڪري ڇڏيو ته پيپلزپارٽي يا فوج کي ارسلان چوڌري ڪيس ۾ فائدو حاصل ٿيندو، هن چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت کي عدليه نه پر عوام چونڊيو آهي جڏهن ته پيپلزپارٽي ئي عدليه کي بحال ڪيو، هن چيو ته کيس ملڪي پارلياماني تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ عرصي تائين وزيراعظم رهڻ جو اعزاز حاصل آهي، پيپلزپارٽي ادارن جو احترام ڪري ٿي،
 
 
 
 

عام چونڊون وقت تي ٿينديون، پيپلزپارٽي جي مقبوليت جي خلاف پروپيگنڊا ڪندڙن کي ضمني چونڊن جا نتيجا ڏسي وٺڻ گهرجن، نواز ۽ شهباز شريف صوبائيت جي سياست ۾ پئي وفاق کي نقصان پهچايو آهي: قمر زمان ڪائره

لالا موسيٰ - 10 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير قمر زمان ڪائره چيو آهي ته عام چونڊون وقت تي ٿينديون، پيپلزپارٽي جي مقبوليت جي خلاف پروپيگنڊا ڪندڙن کي ضمني چونڊن جا نتيجا ڏسي وٺڻ گهرجن، ڪالهه آچر ڏينهن هتي روڊ جي افتتاح کانپوءِ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي هن چيو ته نواز ۽ شهباز شريف صوبائيت جي سياست ۾ پئي وفاق کي نقصان پهچايو آهي، هي ماڻهو عام ماڻهو جي باري ۾ نٿا سوچين، پوري شريف فيملي هڪ آمر سان معاهدو ڪري ملڪ ڇڏي هلي وئي، وفاقي وزير چيو ته پنجاب حڪومت جي وفاق جي خلاف مهم بغاوت جي برابر آهي، هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي قومي مفاد ۽ پنهنجي اصولن تي ڪڏهن به ٺاهه ناهي ڪيو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي جوهري پروگرام تي ڪم روڪڻ لاءِ چيو ويو، هن ڦاسي کي ته قبول ڪيو پر غير ملڪي ڊڪٽيشن جي اڳيان ڪنڌ نه جهڪايو، هن چيو ته پيپلزپارٽي کي عوام جي حمايت حاصل آهي ان لاءِ هو حڪومت جي خلاف لانگ مارچ جي ڌمڪين کان نٿا ڊڄن، هن چيو ته آئيني ترميم، اين ايف سي ۽ پختونخواه کي سڃاڻپ ڏيڻ، گلگت بلتستان کي خودمختياري ۽ بلوچستان کي حق ڏيڻ لاءِ عملي قدمن جو سهرو پيپلزپارٽي جي جمهوري حڪومت ڏانهن وڃي ٿو، قمر زمان ڪائره چيو ته حڪومت بلوچستان جا مسئلا گڏيل مفاهمت جي ذريعي حل ڪرڻ چاهي ٿي ڇو ته ملڪ سياسي ڇڪتاڻ جي سٽ نٿو سهي سگهي، هن چيو ته حڪومت جو ارسلان افتخار ڪيس سان ڪو به لاڳاپو ناهي، هن چيو ته حڪومت پارليامينٽ، عدليه ۽ فوج سميت سمورن ادارن کي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ مضبوط بڻائڻ چاهي ٿي

 
 
 

وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني16 جون تي مردان جو دورو ڪندو

مردان - 10 جون (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني16 جون تي مردان جو دورو ڪندو، وزيراعظم جي دوري جي دعوت پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبر حاجي خانزده خان ڏني آهي، وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ سيد يوسف رضا گيلاني پهريون ڀيرو مردان جو دورو ڪندو، وزيراعظم جي استقبال ۽ جلسي جي تيارين جي سلسلي ۾ پيپلزپارٽي جي عهديدارن جو هڪ غير معمولي اجلاس حاجي خانزده خان جي رهائشگاهه تي منعقد ٿيو جنهن ۾ ضلعي صدر خان غواص خان، صوبائي اسيمبلي ميمبر افتخار شاگئي، شوڪت باچا، حيدر عڪي باچا سميت ضلعي عهديدار ۽ ڪارڪن وڏي انگ شريڪ ٿيا، ان موقعي تي خطاب ڪندي مقررين چيو ته وزيراعظم جي جلسي ۾ ٻه لک ماڻهو شرڪت ڪندا ۽ هي ثابت ڪنداسين ته مردان اڄ به مني لاڙڪاڻو آهي جلسي جي ڪاميابي لاءِ مختلف ڪميٽيون به جوڙيون ويون.