>

 

 وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني سان ڪائونسل آف نيشنل افيئرز جي وفد جي ملاقات

لاهور - 10 جون (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني سان ڪالهه آچر ڏينهن اسٽيٽ گيسٽ هائوس لاهور ۾ ڪائونسل آف نيشنل افيئرز جي وفد ڪائونسل جي چيئرمين غلام مصطفيٰ خان ميراڻي جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ وزيراعظم ڪائونسل جي ميمبرن کي حڪومت جي ڪاميابين ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ کنيل قدمن جي باري ۾ ٻڌايو. ان موقعي تي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته موجوده حڪومت ۾ جيتري ترقي ٿي آهي پاڪستان جي تاريخ ۾ ان جو مثال نٿو ملي، وفد جي ميمبرن ۾ مجيب الرحمان شامي، ارشاد احمد عارف، مغيث الدين شيخ، ميجر جنرل (ر) محمد جاويد، قدرت الله چوڌري، عبدالله طارق سهيل، عطاءُ الرحمان، قيوم نظامي، عامر هاشم خاڪواڻي، نويد چوڌري، تنوير شهزاد، رئوف طاهر، فاروق حميد خان، ڊاڪٽر امان الله ملڪ، ڊاڪٽر عاصم الله بخش، محمد طاهر، ڪرامت ڀٽي، محمد شفيق چوڌري، اختر جاويد ملڪ، عمران ملڪ، ياسر پيرزاده، ڊاڪٽر سليم مظهر، ڊاڪٽر احسن اختر ناز، زبير شيخ، رضوان رازي، سليمان عابد، ڪرنل (ر) ظفر اقبال فرخ، اريج زڪريا، شهزاد صديق، وحيد انجم، اجمل شاهه دين، مسعود چيمه، لطيف رانا، شوڪت ملڪ ۽ جعفر عباس چيمه شامل هئا

 

 

سينيٽ چيئرمين ملڪه برطانيه جي ڊائمنڊ جوبلي تقريبن ۾ شرڪت کانپوءِ واپس پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد - 10 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد نيئر حسين بخاري گذريل ڏينهن برطانيه مان ملڪه برطانيه جي اقتدار دور جي ڊائمنڊ جوبلي تقريبن ۾ شرڪت کانپوءِ واپس پاڪستان پهچي ويو آهي، هن انهن تقريبن ۾ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي نمائندگي ڪئي، پنهنجي ان دوري ۾ هن دولت مشترڪه جي اقتصادي فورم کي به خطاب ڪيو ۽ پاڪستان جي موقف کي ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو، ان کانسواءِ هن ڊائمنڊ جوبلي جي سلسلي ۾ منعقد ٿيندڙ مختلف تقريبن ۾ شرڪت ڪئي ۽ اعليٰ عملدارن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي
 
 

پيپلزپارٽي الزام تراشي جي نه پر  سدائين تعمير ۽ ترقي جي سياست ڪئي،اسان فيصلا ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ ڪنداسين: سيد صمصام بخاري

ريناله خورد/اوڪاڙه - 10 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير سيد صمصام علي بخاري چيو آهي ته پيپلزپارٽي الزام تراشي جي نه پر  سدائين تعمير ۽ ترقي جي سياست ڪئي، نيٽو سپلائي بند ڪرڻ به پيپلزپارٽي جو ڪم آهي اسان جيڪي به فيصلا ڪنداسين ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ ڪنداسين، دنيا سان لاڳاپا ۽ واپار برابري جي بنياد تي چاهيون ٿا، بکيا رهي وٺنداسين پر پاڪستان جي عزت جو سودو نه ڪنداسين، آمريت جي هنج ۾ جنم وٺندڙ ٻڌي وٺن ته جمهوريت ۾ ئي ملڪ جي بقاءُ آهي، محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي وزارت اعظميٰ جي خاتمي کانپوءِ هڪ ميگاواٽ به بجلي پيدا نه ڪئي وئي جيڪو بجلي جو بحران جو سبب بڻيو، بجلي بحران جي خاتمي لاءِ 6 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ وارو منصوبو ڀاشا ڊيم شروع ڪيو ويو آهي، ان سان گڏوگڏ 8 ننڍا ڊيم به تعمير ڪيا پيا وڃن، عدالتن جو احترام انهن ماڻهن نه ڪيو جنهن آمريت جي هنج ۾ جنم ورتو، پاڪستان پيپلزپارٽي سدائين عدالتن جو احترام ڪيو آهي، هو ڪالهه آچر ڏينهن ريناله خورد اوڪاڙه ۾ سيد يوسف رضا گيلاني روڊ جي افتتاح کانپوءِ ميڊيا ۽ عوام جي ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو، چار ڪلو ميٽر روڊ ٻيڻو ڪرڻ جي منصوبي تي 12 ڪروڙ رپين جي لاڳت ايندي، مملڪتي وزير چيو ته اليڪشن ۾ عوام سان جيڪي واعدا ڪيا هئا سي سڀ پورا ڪنداسين، هن چيو ته پيپلزپارٽي سدائين تعمير ۽ ترقي ۽ عوام جي ڀلائي جي سياست ڪئي آهي الزام تراشي ناهي ڪئي، ريناله خورد ۾ ايل بي ڊي سي (لوئر باري دو آب ڪئنال) پل جي تعمير هڪ عظيم منصوبو آهي جيڪو اوڪاڙه جي 150 ٻهراڙين کي پاڻ ۾ ملائيندو، هن چيو ته مون سياست ۾ ڪڏهن به ڪنهن کي برو ناهي چيو سمورن سياسي ماڻهن جي عزت ڪريا ٿو، سيد صمصام علي بخاري چيو ته نيٽو سپلائي بند ڪرڻ به پيپلزپارٽي جي حڪومت جو ڪم آهي، اسان جيڪي به فيصلا ڪنداسين ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ ڪنداسين، هن چيو ته بکيا رهي وٺنداسين پر پاڪستان جي عزت جو سودو نه ڪنداسين، دنيا سان لاڳاپا ۽ واپار برابري جي بنياد تي چاهيون ٿا