|
World News |
|
|
|
|
Sport News |
|
|
|
Archive |
-
April, 2013
-
March, 2013
-
February, 2013
-
January, 2013
-
December, 2012
-
November, 2012
-
October, 2012
-
September, 2012
-
August, 2012
-
July, 2012
|
|
|
|
|
وزيراعظم راجا پرويز اشرف پاران چلي جي قومي ڏينهن جي موقعي
تي چلي جي صدر سبطين پنيرا کي مبارڪون
اسلام آباد - 18 سيپٽمبر (اي پي پي)
وزيراعظم راجا پرويز اشرف چلي جي قومي ڏينهن جي موقعي تي چلي جي صدر سبطين پنيرا
کي مبارڪباد ڏني آهي. چلي جي صدر جي نالي موڪليل پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾
وزيراعظم ان يقين جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ چلي جي وچ ۾ دوستاڻا ۽ تعاون تي ٻڌل
لاڳاپا ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا.
وزيراعظم راجا پرويز اشرف سان قومي
اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر فيصل ڪريم ڪنڊي جي ملاقات
اسلام آباد - 18 سيپٽمبر (اي پي پي)
وزيراعظم راجا پرويز اشرف سان قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر فيصل ڪريم ڪنڊي ڪالهه
اڱاري ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ايوان جي قانونسازي جي
سرگرمين ۽ پارليامينٽ ميمبرن جي ڀلائي بابت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وزيراعظم راجا پرويز اشرف سان ايرا چيئرمين حامديار هراج جي
ملاقات
اسلام آباد - 18 سيپٽمبر (اي پي پي)
وزيراعظم راجا پرويز اشرف سان ايرا جي چيئرمين حامديار هراج ڪالهه اڱاري ڏينهن
وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ کيس اٿارٽي طرفان ٿيندڙ بحالي جي ڪمن جي رفتار بابت
آگاهه ڪيو. وزيراعظم ايرا چيئرمين کي هدايت ڪئي ته زلزلي متاثر علائقن جي بحالي جي
لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي.
|
|
|
|
|
Presidential address to the joint sitting of parliament |
|
|
|