|
Sport News |
|
|
|
Archive |
-
June, 2013
-
May, 2013
-
April, 2013
-
March, 2013
-
February, 2013
-
January, 2013
-
December, 2012
-
November, 2012
-
October, 2012
-
September, 2012
|
|
|
|
|
بلوچستان جي عوام جي حمايت ۽ تعاون سان حڪومت موجوده مشڪلاتن
تي ضابطو آڻي وٺندي: وزيراعظم راجا پرويز اشرف
اسلام آباد - 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم راجا پرويز اشرف
چيو آهي ته بلوچستان جي عوام جي حمايت ۽ تعاون سان حڪومت موجوده مشڪلاتن تي ضابطو
آڻي وٺندي، ڪابينا جي خصوصي ڪميٽي سمورين ڌرين سان مشاورت کانپوءِ سفارشن کي حتمي
شڪل ڏيندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن دفاع واري مملڪتي وزير سردار سليم حيدر ۽
سينيٽر سردار فتح محمد حسني سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ڪالهه ڇنڇر ڏينهن هتي ساڻس
ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون ۽ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي،
سينيٽر سردار فتح محمد حسني سان ملاقات ۾ وزيراعظم چيو ته هن بلوچستان جي صورتحال
تي هڪ جامع رپورٽ جي تياري لاءِ دفاع واري وزير سيد نويد قمر جي سربراهي ۾ اعليٰ
سطحي ڪميٽي جوڙي آهي، اها ڪميٽي سمورين ڌرين سان مشاورت کانپوءِ پنهنجي سفارشن کي
حتمي شڪل ڏيندي، وزيراعظم ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته بلوچستان جي عوام جي تعاون ۽
حمايت سان حڪومت موجوده مشڪلاتن کي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي
|
|
|
|
|
Chinese Premier Visit to Pakistan |
|
|
|
Presidential address to the joint sitting of parliament |
|
|
|