Home
 

Today is,

Sunday, 26 October 2014

 

Home | About Us | News | User Login | Jobs | Contact Us | Tender Notices
Untitled Document
Main Menu
Home
News
Blog
Links
Search
Contacts
Seniority List
News Section
National
World
Sport
Business
Forex
Weather
Articles & Features
Sport News
Legends Hanif, Miandad pay tributes to Younis for unique feat
KARACHI, Oct 25 (APP): Two legendary batsmen and former Pakistan captains Hanif Muhammad and Javed Miandad complimented Younis Khan for striking a century in each innings of a Test match against Australia in Dubai on Saturday.
 
Fazalís unbeaten 116 put Karachi Dolphins in command in Quaid Trophy
KARACHI, Oct 25 (APP): Consistent Fazal Subhan smashed a brilliant unbeaten 116 to put Karachi Dolphins in a commanding position in third round of Quaid-e-Azam Cricket Trophy Gold League match against Zarai Taraqiati Bank Ltd (ZTBL) at National Stadium here on Saturday.
 
Blue Stars, Janbaz club advance in 7th NBP Inter-Club Soccer
PESHAWAR, Oct 25 (APP): Blue Stars and Janbaz club advanced to next round after registering victories against their respective rivals in the7th NBP Inter-Club District Mardan Football Championship being played at Younis Stadium Mardan on Saturday.
 
2nd PM of Pakistan Cricket Champion Trophy to start from Monday
ISLAMABAD, Oct 25 (APP): Second Prime Minister of Pakistan Cricket Champion Trophy for the Blind will kick off on Monday at F-9 Cricket Ground and PAF Ground.
 
Second seed Abid falls to Imran Shaukat in NBP Subh-e-Nau Cíship
ISLAMABAD, Oct 24 (APP): Second seed M. Abid was thrashed out of NBP Subh-e-Nau National Tennis Championship in semifinal of men’s singles by an unseeded player on Friday here at PTF Complex.
 
Archive
Latest News
Power meters not running fast clarifies PMIC - Muharram-ul-Haram moon sighted - Afghan President keen to improve trade ties with Pakistan: Ibrahimi - Kashmir Million March participants to present memorandum to British ... - LNG terminal to be completed in February 2015: Ahsan Iqbal - PACRA assigns first ever security grading in South Asia
> PDF Print E-mail

وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني پاران ناڻي واري وزارت کي آءِ پي پيز جي رهتن کي حل ڪرڻ جي لاءِ واپڊا کي ڏيڍ ارب رپيا فوري طور تي جاري ڪرڻ، توانائي جي شعبي ۾ نجي سيڙپڪاري جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ لاءِ پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين، ناڻي، پاڻي ۽ بجلي جي سيڪريٽرين تي ٻڌل ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت

اسلام آباد - 30 مئي (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته حڪومت توانائي جي موجوده بحران کي حل ڪرڻ ۽ ملڪ جي لاءِ توانائي جي تحفظ جو عزم ڪيو آهي. ڪالهه اربع ڏينهن هتي پرائيويٽ پاور انفراسٽرڪچر بورڊ (پي پي آءِ بي) جي اجلاس جي صدارت ڪندي هن پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وزارت کي هدايت ئي ته بجلي گهرن کي گئس جي فراهمي لاءِ انتظام ڪيا وڃن. اجلاس ۾ ملڪ ۾ بجلي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اضافي بجلي پيدا ڪرڻ کي نظر ۾ رکندي پرائيويٽ پاور پراجيڪٽس جي اڳڀرائي ۽ انهن جي مستقبل جي صلاحيت جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم چيو ته پي پي آءِ بي نون پاور پراجيڪٽس جي پراسيسنگ ۾ پيشيواراڻي مهارت برقرار رکندي ۽ عوام جي خوشحالي لاءِ حڪومتي ڪوششن ۾ تعاون ڪندي قومي ۽ عالمي سيڙپڪارن ۽ توانائي جي شعبي سان لاڳاپيل ادارن کي سهولتون ڏيندي. هن هدايت ڪئي ته توانائي جي شعبي ۾ نجي سيڙپڪاري جي ترغيب جي لاءِ طريقيڪار کي آسان بڻائڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي، جيڪا پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين، ناڻي ۽ اقتصادي معاملن واري ڊويزن ۽ پاڻي ۽ بجلي جي سيڪريٽرين تي ٻڌل هجي. وزيراعظم ناڻي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته آءِ پي پيز جي رهتن کي حل ڪرڻ جي لاءِ واپڊا کي ڏيڍ ارب رپيا فوري طور تي جاري ڪيا وڃن. هن چيو ته حڪومت توانائي جي موجوده بحران جي حل ۽ توانائي سيڪيورٽي جو پڪوپهه ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته 1993ع ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت انرجي  ٽاسڪ فورس جوڙيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ 1994ع ۾ پاور پاليسي تيار ٿي ۽ پرائيويٽ پاور اينڊ انفراسٽرڪچر بورڊ قائم ٿيو، جنهن جو مقصد حڪومت ۽ ان جي ادارن طرفان هڪ ئي جاءِ تي سهولتون فراهم ڪرڻ هو. وزيراعظم چيو ته جڏهن موجوده حڪومت 2008ع ۾ اقتدار سنڀاليو ته ملڪ کي هڪ ڀيرو ٻيهر طلب ۽ رسد جي شديد فرق کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو، جيڪو پيڪ لوڊ آورز ۾ 5 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ هو. هن چيو ته چئلينج جي شدت جو احساس ڪندي جمهوري حڪومت مختلف مسئلن باوجود بجلي جي صورتحال جي بهتري لاءِ وڏي محنت سان ڪم ڪيو ۽ پرعزم ڪوششون ڪيون. هن چيو ته آءِ پي پيز سدائين بجلي جي شعبي ۾ هڪ وڏو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته توانائي جي فراهمي لاءِ آءِ پي پيز جي اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هن وقت ملڪ ۾ 28 آءِ پي پيز بجلي فراهم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان بجلي جي شعبي ۾ طلب ۽ رسد جو وڏو فرق آهي، جنهن سبب بجلي جي پيداواري گنجائش ۽ انفراسٽرڪچر ۾ اضافو ضروري ٿي ويو آهي.

 

     

Budget 2014-2015
Federal Budget
Highlights 2014-2015
Punjab Budget
Sindh Budget
KPK Budget
Balochistan Budget
A.J.K Budget
Gilgit Baltistan Budget
Elections 2013
Elections 2013 News
Code of Conduct
Code of Conduct
Manifestos of Parties
Manifestos of Political Parties
Independence Day News
Independence Day News
Economic Survey
Economic Survey 2013-2014
Presidential address to the joint sitting of parliament
Presidential address to the joint sitting of parliament
Parlimentary Proceedings
National Assembly
Senate