Home arrow Blog
 

Today is,

Friday, 29 August 2014

 

Home | About Us | News | User Login | Jobs | Contact Us | Tender Notices
Untitled Document
Main Menu
Home
News
Blog
Links
Search
Contacts
Seniority List
News Section
National
World
Sport
Business
Forex
Weather
Articles & Features
World News
UN peacekeepers detained by armed group amid fighting in Golan Heights -
UNITED NATIONS, Aug 28 (APP): Fortythree United Nations peacekeepers serving in the Golan Heights were detained this morning amid increased fighting in the area between Syrian Government forces and armed elements, the U.N. said Thurday.


Ban alarmed by “dangerous escalation” in Ukraine crisis; UNSC holds emergency talks -
UNITED NATIONS, Aug 28 (APP): UN Secretary-General Ban Ki-moon said Thursday he is alarmed by what seems to be a “dangerous escalation” in the crisis in Ukraine with reports that the fighting in the eastern part of the country has spread near the border with Russia.


President arrives Turkey to attend Presidential handover ceremony -
11.jpg ANKARA, Aug 28 (APP): President Mamnoon Hussain Thursday arrived here on a two-day official visit to Turkey to represent Pakistan at the Presidential handover ceremony for President-elect Recep Tayyip Erdogan.



Ongoing Libyan fighting unprecedented in gravity: UN envoy -
UNITED NATIONS,  Aug 27 (APP): In recent days, armed battles, inflamed by airstrikes and fuelled by deep divisions among Libyan political factions have been “unprecedented in their gravity and very alarming,” the outgoing United Nations envoy to that country told the Security Council today.


Majority of Pakistanis back PM Sharif’s economic policies: Report -
WASHINGTON/NEW YORK, Aug 27 (APP): A big majority of Pakistanis backs economic policies of Prime Minister Nawaz Sharif’s government that has seen the country’s economy rebound from stagnation, an American newspaper said Wednesday, citing a recent extensive public survey.


Sport News
Nasir to clash with Danish in Memorial International Squash final
PESHAWAR, Aug 27 (APP): Top seeded Pakistan No. 1 Nasir Iqbal will clash with Danish Atlas in the final of the 10,000 US $ Hashim Khan Memorial Pakistan International Squash Circuit-II Championship being played here at PAF Squash Complex on Wednesday.
 
Ushna and partner breeze into QF of ITF Pro Circuit in Egypt
LAHORE, Aug 27 (APP): Pakistan’s female tennis star,Ushna Suhail paired with Yuanyi Yu of China breezed into the doubles quarter finals of the ITF Pro Circuit tournament in Sharmal Sheikh, Egypt on Wednesday.
 
Miandad wants players to just think of making runs
ISLAMABAD, Aug 27 (APP): Legendary batsman Javed Miandad want national players to understand the sheer honour of representing millions of Pakistanis in and outside the country saying stop thinking about being senior or junior and just think of making runs for the country.
 

 
PCB cancels PSL bidding process
KARACHI, Aug 26 (APP): Pakistan Cricket Board (PCB) canceled the bidding process of Pakistan Super League (PSL), it was announced on Tuesday.
 
PCB working to develop exclusive women cricket ground
ISLAMABAD, Aug 26 (APP): Pakistan Cricket Board (PCB) is working on a project to develop an exclusive women cricket ground with all modern allied facilities.
 
Archive
Latest News
President condemns killing of Irshad Mastoi - Asif lauds Pak army’s role in fight against terrorism - Erdogan’s elevation as President to strengthen Pak-Turkey ties: Pres... - Information Minister condoles death of media persons in Quetta - PM condemns killing of media persons in Quetta - EU lifts temporary ban restriction imposed on PIA Cargo shipments to...
A blog of all section with no images
> PDF Print E-mail

آمريڪي صدر پاران پاڪستاني ائٽمي اثاثن جي تحفظ تي اعتماد جو اظهار، آمريڪي صدر مستقبل ۾ پاڪستان کي ترقي يافته ۽ مضبوط ملڪ ڏسڻ چاهي ٿو، پاڪ آمريڪا لاڳاپان کي بلندين تائين وٺي وڃڻ جو عزم

واشنگٽن - 12 اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي آمريڪي صدر بارڪ اوباما سان وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي ملاقات کي انتهائي مثبت ۽ اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته صدر بارڪ اوباما مستقبل ۾ پاڪستان کي هڪ مضبوط ۽ ترقي يافته ملڪ ڏسڻ چاهي ٿو. گذريل ڏينهن هتي آمريڪي صدر بارڪ اوباما ۽ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني وچ ۾ ٿيل ملاقات کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي هن چيو ته آمريڪي صدر پاڪستان جي ائٽمي اثاثن جي تحفظ تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستان هڪ ذميوار ملڪ آهي ۽ ائٽمي اثاثن جي تحفظ جو انتهائي اثرائتو نظام رکي ٿو. آمريڪي صدر ملاقات دوران چيو ته کيس پاڪ آمريڪا اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ تي انتهائي مثبت موٽ ملي آهي. هن چيو ته ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن سميت عالمي ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ انهن پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات دوران پاڪستان کي درپيش توانائي جي بحران کي حل ڪرڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آمريڪي صدر دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو ۽ پاڪ فوج جي حڪمت عملي توڙي ڪاميابين جي واکاڻ ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪي صدر يورپ ۽ آمريڪي منڊين تائين پاڪستاني شين جي رسائي جي ضرورت کي تسليم ڪيو آهي.

 
> PDF Print E-mail

وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي آمريڪي صدر بارڪ اوباما سان ملاقات، دنيا ۾ پائيدار امن، ائٽمي عدم ڦهلاءُ، هٿيارن جي ڊوڙ جي خاتمي بابت ڳالهيون

واشنگٽن - 12 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني آمريڪي صدر بارڪ اوباما سان پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ تي ڳالهيون ٿيون. وزيراعظم جي واشنگٽن پهچڻ کان ڪجهه ڪلاڪ پوءِ وائيٽ هائوس ۾ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم جي معاونت پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير حسين حقاني ۽ چين ۾ پاڪستاني سفير مسعود خان ڪئي، جڏهن ته بارڪ اوباما جي معاونت قومي سلامتي جي صلاحڪار جيمز جونز ۽ پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن ڪئي. عملدارن موجب ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن وچ ۾ جامع لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ، اقتصادي سهڪار ۽ خطي ۾ سلامتي جي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ائٽمي سيڪيورٽي سربراهه اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي لاءِ گذريل ڏينهن واشنگٽن پهتو هو، جنهن ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪن جا سربراهه شرڪت ڪري رهيا آهن،

 
> PDF Print E-mail

صدر آصف علي زرداري پائيڊ بل 2010ع تي صحيح ڪري ڇڏي، آبادي 45 ملين مان وڌي 17 ڪروڙ تائين پهچي وئي آهي، ملڪ جي ضرورتن ۾ اضافو ٿيو آهي، اسان کي عوام جي امنگن تي پورو لهڻ لاءِ سڀني وسيلن مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي، نوجوان نسل تي فخر آهي: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد- 12 اپريل(اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان انسٽيٽوٽ آف ڊولپمينٽ اڪنامڪس کي ڊگري جاري ڪرڻ جو درجو ڏيڻ واري بل (پائيڊ) 2010ع تي صحيح ڪري ڇڏي، ايوان صدر ۾ بل تي صحيح ڪرڻ واري تقريب ۾ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر فيصل ڪريم ڪنڊي، وزيراعظم جي تعليم بابت صلاحڪار سردار آصف احمد علي، پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ ناليواري اقتصادي توڙي تعليمي ماهرن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته پائيڊ بل 2010ع کي باضابطه قانون جي شڪل ڏيڻ لاءِ ان تي صحيحون ڪرڻ، پائيڊ جي ڪردار ۽ عالمي شهرت يافته توڙي ناليواري اقتصادي ماهرن کي تيار ڪرڻ لاءِ اداري جي صلاحيتن تي حڪومت جي اعتماد جو اعتراف آهي. هن چيو ته ڪيترائي عالمي شهرت يافته ماهر پائيڊ سان منسلڪ رهيا آهن. صدر انهيءَ اهم قانون سازي جي منظوري تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين جي واکاڻ ڪئي

 
> PDF Print E-mail

صدر جي هدايت تي سڄي ملڪ ۾ هر ضلعي اندر خصوصي تعليم جا ٻه اسڪول کولڻ جو فيصلو

اسلام آباد- 12 اپريل(اي پي پي)صدر مملڪت جي هدايت تي سڄي ملڪ ۾ هر ضلعي اندر خصوصي تعليم جا ٻه اسڪول کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، حڪومت تعليم جي فروغ لاءِ ملڪ جي مختلف ادارن جي تعاون سان انهيءَ مشن کي اڳتي وڌائي رهي آهي. اهڙو اظهار خصوصي تعليم جي ڊائريڪٽر جنرل پرنس عباس خان هتي هڪ اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو آهي. خصوصي تعليم واري وزارت جو هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڳالهائيندي ڊائريڪٽر جنرل پرنس عباس خان چيو ته صدر آصف علي زرداري جي هدايتن تي ملڪ جي هر ضلعي ۾ ٻه خصوصي اسڪول کوليا ويندا جن ۾ معذور (خصوصي) ٻارن کي گهر کان اسڪول تائين سڀئي سهولتون مهيا ڪيون وينديون، هر ضلعي ۾ ٻه خصوصي اسڪول ايندڙ ٻن سالن اندر قائم ڪيا ويندا.

 
> PDF Print E-mail

احتجاج دوران هزاره ۽ ايبٽ آباد ۾ پيش آيل واقعي جي جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي، وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني پنهنجو واشنگٽن وارو دورو ملتوي ڪري وطن پهچي سياسي پارٽين سان صوبي سرحد جي نالي جي حوالي سان گڏجاڻيون ڪري: حڪومتي ۽ مخالف ڌر سينيٽرن جو مطالبو

اسلام آباد - 12 اپريل (اي پي پي) حڪومتي ۽ مخالف ڌر سان لاڳاپيل سينيٽرن مطالبو ڪيو آهي ته هزاره ۽ ايبٽ آباد ۾ پيش آيل واقعي جي جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي، وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني پنهنجو واشنگٽن وارو دورو ملتوي ڪري وطن پهچي سياسي پارٽين سان صوبي سرحد جي نالي جي حوالي سان گڏجاڻيون ڪري ۽ ان مسئلي جو سياسي حل ڪڍيو وڃي، جيڪڏهن خيبر پختونخواهه جي نالي تي نظرثاني نه ڪئي وئي ته الڳ صوبو ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو ويندو، مسلم ليگ (ن) ۽ اي اين پي خيبر پختونخواهه نالي تي نظرثاني ڪري. ڪالهه سينيٽ جو اجلاس جيئن ئي شروع ٿيو ته سينيٽر ظفر علي شاهه چيو ته مون ايبٽ آباد ۽ هزاره جي نالي سان پنهنجي التوا واري رٿ پيش ڪئي آهي، قومي مسئلو آهي، قانونسازي ٿيندي رهندي، ان کان پهرين هن اهم مسئلي تي بحث ڪرايو وڃي، رٿ جي منظوري کانپوءِ بحث ۾ حصو وٺندي سينيٽر پروفيسر خورشيد احمد مطالبو ڪندي چيو ته ايبٽ آباد ۽ هزاره ۾ پوليس جيڪو عام ماڻهن سان ناروا سلوڪ ڪيو آهي ۽ ماڻهن کي گوليون هلائي زخمي ڪيو آهي، ان معاملي جي جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو سياست کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيا آهن اهي نه ئي ملڪ سان سچا آهن ۽ نه وري قوم سان سچا آهن. اختلاف جمهوريت جو حصو  آهي، جيڪي واقعا گذريل 10 ڏينهن کان ٿي رهيا آهن، ان جا سٺا نتيجا نه نڪرندا، اها باهه پوري ملڪ تائين پکڙجي سگهي ٿي.

 
> PDF Print E-mail

 

مختلف پارٽين سان لاڳاپيل سينيٽرن پاران 18 هين ترميم ۾ 21 ترميمون سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ جمع، قبائلستان، بهاولپور ۽ ڏکڻ پنجاب سميت 3 نوان صوبا ٺاهڻ جي شق شامل ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد - 12 اپريل (اي پي پي) مختلف پارٽين سان لاڳاپيل سينيٽرن 18 هين ترميم ۾ 21 ترميمون سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايون آهن، جن ۾ 3 نوان صوبا سرائيڪي صوبو، بهاولپور صوبو ۽ قبائلستان صوبو ٺاهڻ جي شق شامل ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي آهي، (ق) ليگ پاران خيبر پختونخواهه نالي کي ختم ڪري پراڻو نالو بحال رکڻ جي ترميم پيش ڪري ڇڏي آهي، جي يو آءِ قرآن ۽ سنت مطابق فرضن جي ادائيگي نه ڪرڻ تي سزا جي ترميم، سياسي پارٽين ۾ اليڪسن ڪرائڻ کي لازمي قرار ڏيڻ، قبائلي علائقن جون سيٽون 12 مان وڌائي 16 ڪرڻ، سينيٽرن جي چونڊ عام چونڊن ذريعي ڪرائڻ، اين ايف سي ايوارڊ تحت فنڊن جي ورڇ ضلعي سطح تائين ڪرڻ ۽ ان بابت رپورٽون ٻنهي ايوانن توڙي صوبائي اسيمبلين ۾ پيش ڪرڻ جون ترميمون جمع ڪرايون ويون آهن. سومر ڏينهن سينيٽ ايوان جو اجلاس شروع ٿيو، ان کان اڳ مختلف پارٽين سان لاڳاپيل سينيٽرن 18 هين آئيني ترميم ۾ 21 ترميمون جمع ڪرايون آهن، اهي ترميمون سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايون ويون آهن. سينيٽر جمال لغاري 18 هين آئيني ترميم ۾ ترميم جمع ڪرائي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آرٽيڪل نمبر 1، شق نمبر 2 پيراگراف (الف) تحت پاڪستان جا صوبا هن ريت هئڻ گهرجن، بلوچستان، سرحد، پنجاب، ڏکڻ پنجاب ۽ سنڌ صوبو. هن پنهنجي ترميم ۾ ڄاڻايو آهي ته نئون صوبو ڏکڻ پنجاب (سرائيڪي صوبو) ٺاهيو وڃي. (ق) ليگ سان لاڳاپيل سينيٽر محمد علي دراني پنهنجي ترميم ۾ ڄاڻايو آهي ته بل جي شق نمبر 3 کي تبديل ڪيو وڃي

 
More...
<< Start < Prev 3571 3572 3573 3574 3575 3576 3577 3578 3579 3580 Next > End >>

Results 35781 - 35790 of 37713

     

Budget 2014-2015
Federal Budget
Highlights 2014-2015
Punjab Budget
Sindh Budget
KPK Budget
Balochistan Budget
A.J.K Budget
Gilgit Baltistan Budget
Elections 2013
Elections 2013 News
Code of Conduct
Code of Conduct
Manifestos of Parties
Manifestos of Political Parties
Independence Day News
Independence Day News
Economic Survey
Economic Survey 2013-2014
Presidential address to the joint sitting of parliament
Presidential address to the joint sitting of parliament
Parlimentary Proceedings
National Assembly
Senate