Home
 

Today is,

Friday, 29 August 2014

 

Home | About Us | News | User Login | Jobs | Contact Us | Tender Notices
Untitled Document
Main Menu
Home
News
Blog
Links
Search
Contacts
Seniority List
News Section
National
World
Sport
Business
Forex
Weather
Articles & Features
Sport News
Nasir to clash with Danish in Memorial International Squash final
PESHAWAR, Aug 27 (APP): Top seeded Pakistan No. 1 Nasir Iqbal will clash with Danish Atlas in the final of the 10,000 US $ Hashim Khan Memorial Pakistan International Squash Circuit-II Championship being played here at PAF Squash Complex on Wednesday.
 
Ushna and partner breeze into QF of ITF Pro Circuit in Egypt
LAHORE, Aug 27 (APP): Pakistan’s female tennis star,Ushna Suhail paired with Yuanyi Yu of China breezed into the doubles quarter finals of the ITF Pro Circuit tournament in Sharmal Sheikh, Egypt on Wednesday.
 
Miandad wants players to just think of making runs
ISLAMABAD, Aug 27 (APP): Legendary batsman Javed Miandad want national players to understand the sheer honour of representing millions of Pakistanis in and outside the country saying stop thinking about being senior or junior and just think of making runs for the country.
 

 
PCB cancels PSL bidding process
KARACHI, Aug 26 (APP): Pakistan Cricket Board (PCB) canceled the bidding process of Pakistan Super League (PSL), it was announced on Tuesday.
 
PCB working to develop exclusive women cricket ground
ISLAMABAD, Aug 26 (APP): Pakistan Cricket Board (PCB) is working on a project to develop an exclusive women cricket ground with all modern allied facilities.
 
Archive
Latest News
President condemns killing of Irshad Mastoi - Asif lauds Pak armyís role in fight against terrorism - Erdoganís elevation as President to strengthen Pak-Turkey ties: Pres... - Information Minister condoles death of media persons in Quetta - PM condemns killing of media persons in Quetta - EU lifts temporary ban restriction imposed on PIA Cargo shipments to...
Sindhi News
> PDF Print E-mail

صدر پاران اسڪوائش جي عالمي شهرت يافته اڳوڻي رانديگر هاشم خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار

اسلام آباد 19 آگسٽ (اي پي پي) صدر ممنون حسين اسڪوائش جي عالمي شهرت يافته اڳوڻي رانديگر هاشم خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي پيغام ۾ صدر اسڪوائش جي راند کي فروغ ۽ ملڪ جي لاءِ اعزاز حاصل ڪرڻ تي هاشم خان جي عظيم ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ سوڳوار خاندان کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.

 

وزيراعظم پاران اسڪوائش جي عالمي شهرت يافته اڳوڻي رانديگر هاشم خان جي لاڏاڻي تي گهري جو اظهار

اسلام آباد 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف اسڪوائش جي عالمي شهرت يافته اڳوڻي رانديگر هاشم خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ سوڳوار خاندان کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.

 

سڀني پارٽين جو فيصلو آهي ته آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي تي ڪو به ٺاهه نه ٿيندو: اسحاق ڊار

اسلام آباد 19 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني چونڊ سڌارن بابت ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته سڀني پارٽين جو فيصلو آهي ته آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي تي ڪو به ٺاهه نه ٿيندو، واپاري برادري سول نافرماني جي تحريڪ رد ڪري ڇڏي آهي، پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته ڌرڻن ۽ احتجاج سان ملڪي معيشت ۽ روانگي واپار تي منفي اثر پيا آهن، ڌرڻن سان ملڪي معيشت کي 450 ارب روپين جو نقصان ٿيو آهي، اسان ڪنهن به قسم جا غير آئيني مطالبا تسليم نٿا ڪري سگهون. پنهنجي هٿن سان ملڪ کي نقصان نٿا پهچائڻ چاهيون، آءِ ايم ايف کي پاڪستان جي حالتن جي ڪري هتي اچڻ جي اجازت نه ڏني وئي،

 

سياسي قوتون تحريڪ انصاف ۽ عوامي تحريڪ سان گڏيل طور تي رابطن ۾ آهن: احسن اقبال

اسلام آباد 19 آگسٽ (اي پي پي) منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته موجوده صورتحال جي قابل قبول حل لاءِ سياسي ۽ جمهوري قوتون تحريڪ انصاف ۽ عوامي تحريڪ سان گڏيل طور تي رابطن ۾ مصروف آهن. ڪالهه اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪجهه هزار ماڻهن طرفان صورتحال کي خراب ڪندڙن بابت حڪومت ۽ سندس حامي بردباري جو مظاهرو ڪندي نرم رويو اختيار ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجي حامين کي به انهي مظاهري جي تلقين ڪري رهيا آهن،

 

مخالف ڌر جي مثبت ڪردار کي تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو: راجا ظفرالحق

اسلام آباد 19 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ ۾ قائد ايوان راجا ظفرالحق چيو آهي ته مخالف ڌر جي مثبت ۽ اصولي ڪردار کي جمهوري تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو، وزيراعظم عمران خان جي گهر هليو ويو ۽ چونڊ سڌارن جي لاءِ ڪميٽي به جوڙي وئي پر عمران خان پارليامينٽ ۽ اسيمبلين کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، پرويز مشرف کي احتساب ۽ عدالتي فيصلن کان بچائڻ جي لاءِ سندس حامي ۽ ساٿي ملڪ سان دشمني ڪري رهيا آهن ۽ سسٽم کي تباهي طرف ڌڪيو پيو وڃي. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر فرحت الله بابر جي رٿ تي بحث سهيڙيندي قائد ايوان راجا ظفرالحق چيو ته آئون ذاتي طور تي ان ڳالهه جو گواهه آهيان ته موجوده صورتحال ۾ مخالف ڌر جي پارٽين ۽ ان جي قيادت مثبت اصولي ۽ جمهوريت پسنداڻو رستو اختيار ڪيو آهي ۽ هو وڏي واڪي چئي رهيو آهي ته اهڙو هو حب الوطني جي جذبي ۽ قومي ضرورت جي جذبي سان ڪري رهيا آهن.

 

سڀني سياسي پارٽين جو آئين جي تحفظ لاءِ اتفاق آهي: سعد رفيق

اسلام آباد 19 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته سڀني سياسي پارٽين جي پارليامينٽرين ۾ هر قيمت تي پارليامينٽ، جمهوريت ۽ آئين جي تحفظ لاءِ اتفاق راءِ آهي. اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي هن چيو ته هزارين ماڻهن جو گروپ 18 ڪروڙ عوام جي قسمت جو فيصلو نٿا ڪري سگهن، هن چيو ته 40 لک ماڻهن جي ذريعي عوامي نمائندن جي چونڊ ٿي ۽ ڪجهه ماڻهن جو گروهه پنهنجا غلط فيصلا مڙهڻ چاهي ٿو، جيڪي غير منصفاڻا آهن، هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه ريڊ زون ۾ داخل نه ٿيڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ هو هاڻي پنهنجي واعدن کي ٽوڙي رهيو آهي.

 

سڀئي پارلياماني پارٽيون متفق آهن: خورشيد احمد شاهه

اسلام آباد 19 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته سڀئي پارلياماني پارٽيون پارليامينٽ، آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ جمهوريت جي بقاءَ جي لاءِ متفق آهن، ڪو محب وطن ادارو جمهوريت ۽ آئين جي خلاف سازش ۾ شريڪ نه ٿيندو، حڪومت اسان جي ضمانت تي آزادي ۽ انقلاب مارچ جي اجازت ڏني، آئنده ڪنهن ضمانت جي في الحال پوزيشن ۾ نه آهيون. هو ڪالهه اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو، سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته پارليامنيٽ اهڙو ادارو آهي جيڪو دنيا ۾ پاڪستان جي جمهوريت جي علامت آهي.

 

ڇڪتاڻ جي صورتحال کان پاسو ڪيو وڃي: سينيٽر

اسلام آباد 19 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ ۾ مختلف سياسي پارٽين سان لاڳاپيل سينيٽرن چيو آهي ته ڇڪتاڻ جي صورتحال کان پاسو ڪيو وڃي ۽ ڳالهين وسيلي مسئلا حل ڪيا وڃن، جمهوريت کي بچائڻ جي لاءِ سمورين جمهوري قوتن کي متحد ٿيڻو پوندو، چونڊ سڌارن جي لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر فرحت الله بابر طرفان اسلام آباد ۾ آزادي ۽ انقلاب مارچ سان پيدا ٿيل صورتحال بابت رٿ تي بحث ۾ حصو وٺندي سينيٽر سعيد غني چيو ته ڌرڻا هڻندڙن کي ريڊ زون ۾ داخل نه ٿيڻ جي معاهدي جي پاسداري ڪرڻ گهرجي، عمران خان اسيمبلين کان ٻاهر ويهي چونڊ سڌارن جي حوالي سان ڪيئن ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، هن مطالبو ڪيو ته ماڊل ٽائون سانحي جي جاچ ڪندڙ ڪميشن جي رپورٽ منظرعام تي آندي وڃي.

 

معاملا ڳالهين وسيلي حل ڪرڻ گهرجن: ماروي ميمڻ

اسلام آباد 19 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن ماروي ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي قيادت کي ريڊ زون ۾ داخل نه ٿيڻ واري پنهنجي واعدي کي وفا ڪرڻ گهرجي، معاملا ڳالهين وسيلي حل ڪرڻ گهرجن، اسان هر وقت ڳالهين لاءِ تيار آهيون. پي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ۾ اڳواڻن واعدو ڪيو هو ته هو ريڊ زون ۾ داخل نه ٿيندا.

 

 
> PDF Print E-mail

وزيراعظم پاران پي ٽي آءِ ۽ پي اي ٽي سان ڳالهين لاءِ 5 رڪني ڪابينا ڪميٽي قائم

اسلام آباد 18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ (پي اي ٽي) سان ڳالهين لاءِ 5 رڪني ڪابينا ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڪميٽي جي ميمبرن ۾ وفاقي وزير ليفٽيننٽ (ر) عبدالقادر بلوچ، محمد اڪرم خان دراني، پروفيسر احسن اقبال، خواجه سعد رفيق ۽ وزيراعظم جي خصوصي مددگار عرفان صديقي شامل آهن.

 

 
> PDF Print E-mail

وزيراعظم جي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت

اسلام آباد 18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. هو اجلاس شروع ٿيڻ تي ئي ايوان ۾ اچي ويو ان دوران هن مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه سان هٿ ملايو ۽ دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان ڳالهائيندو رهيو.

 

مخالف ڌر پارليامينٽ سان گڏ بيٺل آهي: سيد خورشيد شاهه

اسلام آباد 18 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته مخالف ڌر پارليامينٽ سان گڏ بيٺل آهي، آئين جي بقاءَ، جمهوريت کي قائم رکڻ لاءِ متحد آهي، قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته اسان جمهوريت ۽ عوامي راڄ لاءِ پنهنجي قيادت جون قربانيون ڏنيون آهن، ملڪ ۾ هڪ سويلين حڪومت کان اقتدار ٻي سويلين حڪومت کي منتقل ٿيو، آمريت سبب ملڪ ۾ چونڊون ۽ اليڪشن ڪميشن بهتر طور تي قائم نه ٿي سگهيون اسان چونڊ فهرستن کي غلط کان پاڪ ڪرو پي بدقسمتي سان ان جي باوجود اسان هن اليڪشن کي مڪمل طور تي شفاف نه ڪرائي سگهياسين.

 

سول نافرماني حڪومت جي خلاف نه پر رياست جي خلاف ٿيندي آهي: خواجه محمد آصف

اسلام آباد 18 آگسٽ (اي پي پي) مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ وزيرن عمران خان طرفان سول نافرماني جي اعلان کي مايوس قرار ڏيندي چيو آهي ته سول نافرماني ڪنهن حڪومت جي خلاف نه پر رياست جي خلاف ٿيندي آهي، ڪالهه سومر ڏينهن عمران خان جي سول نافرماني جي اعلان تي پنهنجي رد عمل ۾ دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو ته عمران خان سول نافرماني جو اعلان ڪري پاڻ کي ۽ پنهنجي پارٽي کي وڏو نقصان پهچايو آهي اي اين پي جي حاجي غلام احمد بلور چيو ته عوامي نيشنل پارٽي آئين، جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي تحفظ لاءِ مضبوطي سان بيٺل آهي، عمران خان طرفان سول نافرماني جو اعلان ظلم آهي ڇو ته سول نافرماني حڪومت نه پر ملڪ جي خلاف هوندي آهي.

 

اسان کي غيرآئيني قدم کي پنهنجي سوچ مان ڪڍڻو پوندو: محمود خان اچڪزئي

اسلام آباد 18 آگسٽ (اي پي پي) پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته اسان کي ڪنهن به غيرآئيني قدم کي پنهنجي سوچ مان ڪڍڻو پوندو، قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو ته ڪجهه ماڻهن اسلام آباد تي چڙهائي ڪري ڇڏي آهي، اسان کي هي ملڪ خيرات ۾ ناهي مليو، ملڪ ۾ 9 سالن تائين آئين معطل رهيو، ملڪ جو ڏيوالو به ان ڪري ئي نڪتو ڇو ته آئين موجود نه هو. ان لاءِ 1973ع ۾ آئين ٺاهيو ويو. ماڻهو آزادي جي ڳالهه ڪن ٿا ملڪ ۾ حقيقي آزادي ان وقت ايندي جڏهن آئين ۽ قانون جي بالادستي هوندي، اقليتن ۽ ان جي مذهبي ڪتابن جو احترام هوندو.

 

حڪومت صورتحال بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه جو عمل فوري طور تي شروع ڪري: سينيٽر

اسلام آباد 18 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ ۾ سمورين سياسي پارٽين سان لاڳاپيل سينيٽرن جمهوري نظام کي بچائڻ جي لاءِ موجوده حڪومت جي حمايت جو اعلان ڪندي چيو آهي ته حڪومت صورتحال بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه جو عمل فوري طور تي شروع ڪري، سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر فرحت الله بابر چيو ته هڪ سياسي پارٽي ريڊ زون ويجهو پڙاوءَ وڌو آهي ۽ ڪنهن به وقت ان پارٽي جي ڪارڪنن ۽ سيڪيورٽي فورسز ۾ ٽڪراءُ ٿي سگهي ٿو، اسلام آباد جي واپارين پنهنجي ڪاروبار کي نقصان پهچڻ تي اسلام آباد جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي آهي، عمران خان عوام کي سول نافرماني تي اتساهيو آهي. سينيٽر حاجي عديل چيو ته سڄي ميڊيا 21 کان 22 هزار ۽ 15 هزار وارن جلسن جي ڪوريج ڪري رهي آهي، هن چيو ته سول نافرماني ننڍي کنڊ ۾ ان وقت ڪامياب ٿي هئي جڏهن انگريز حڪومت لوڻ تي ٽيڪس هنيو هو، مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته اسلام آباد ۾ گڏ ٿيندڙ ٻنهي جلسن ۾ ناراضگي آهي، اسلام آباد ويران ٿي ويو آهي ، عمران خان جي مطالبن کي ڪنهن به طرح سان آئيني نه ٿو چئي سگهجي، هن چيو ته لوندڙي تي بندوق رکي استعيفيٰ وٺڻ غيرآئيني آهي. سينيٽر زاهد خان چيو ته طاهرالقادري جي ڳالهه آئون ان لاءِ نه ٿو ڪريان جو هو ڪئناڊا جو شهري آهي ان جو هڪ ڪائونسلر به نه آهي، هو هتان وڃي ڪئناڊا ۾ وڃي ويهي رهندو، سول نافرماني آخري حربو هوندي آهي، ان کان اڳ ۾ شٽرڊائون، ڦيٿا روڪ ۽ جيل ڀريو تحريڪ هلائي ويندي آهي، سول نافرماني تحريڪ رياست خلاف هوندي آهي، سينيٽر سردار علي چيو ته طاهرالقادري کي ايڏي اهم جاءِ تي ڌرڻو هڻڻ جي اجازت ڇو ڏني وئي، کيس ايف نائين پارڪ ۾ جاءِ ڏني وڃي ها.

 

 
> PDF Print E-mail

وزيراعظم پاران اسفنديار ولي خان کي عوامي نيشنل پارٽي جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪون

اسلام آباد 17 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف اسفنديار ولي خان کي عوامي نيشنل پارٽي جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي، پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ وزيراعظم پارٽي اندر ان جمهوري جي پڄاڻي تي کيس مبارڪباد ڏيندي عوامي نيشنل پارٽي جي سياسي جدوجهد کي ساراهيو آهي. هن پارٽي جي چونڊن ۾ اسفنديار ولي کي صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي.

 

وزيراعظم پاران رانا جواد جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

اسلام آباد 17 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف جيونيوز اسلام آباد جي بيورو چيف رانا جواد جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه آچر ڏينهن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ وزيراعظم محمد نواز شريف جيو نيوز اسلام آباد جي بيورو چيف رانا جواد جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي مرحومه جي لاءِ مغفرت ۽ پونيئرن لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي

 

پرويز رشيد پاران نامياري صحافي مجيد الرحمان شامي جي ڀيڻ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

اسلام آباد 17 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽نشريات جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد مشهور صحافي مجيد الرحمان شامي جي ڀيڻ ۽ رانا جواد جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه آچر ڏينهن پنهنجي جدا جدا تعزيتي پيغام ۾ سينيٽر پرويز رشيد مشهور سينئر صحافي مجيد الرحمان شآمي جي ڀيڻ ۽ جيو نيوز اسلام آباد جي بيورو چيف رانا جواد جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي مرحومه جي لاءِ مغفرت ۽ پونيئرن لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.

 

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پاران رانا جواد جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

اسلام آباد 17 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي نامياري صحافي مجيد الرحمان شامي جي ڀيڻ ۽ رانا جواد جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه آچر ڏينهن پنهنجي جدا جدا تعزيتي پيغام ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر سينئر صحافي مجيد الرحمان شامي جي ڀيڻ ۽ جيو نيوز اسلام آباد جي بيورو چيف رانا جواد جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو.

 

 

 
> PDF Print E-mail

عمران خان ڊيڊلائين حڪومت کي نه جمهوريت کي ڏني آهي:سينيٽر پرويز رشيد

اسلام آباد 17 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته عمران خان ڊيڊلائين حڪومت کي نه جمهوريت کي ڏني آهي. ڇڪتاڻ جا ذميوار ڊيڊ لائين ڏيندڙ هوندا، سمورين سياسي پارٽين سان رابطي ۾ آهيون، مارچ ڪندڙ طاقت جي زور تي پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ چاهين ٿا، حڪومت ڳالهين سان معاملا حل ڪرڻ چاهي ٿي. پي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي عوام رد ڪري ڇڏيو ۽ چونڊن ۾ کين ووٽ نه ڏنو. هي دهشتگردن جيئن طاقت جي زور تي پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ چاهين ٿا، هي دهشتگردن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ته تيار آهن پر حڪومت سان ڳالهيون نٿا ڪن. هن چيو ته هي ملڪ ۾ انارڪي پکيڙڻ چاهين ٿا هي پارليامينٽ تي حملي جي ڳالهه ڪن ٿا. اسان ملڪ ۾ اهڙي سياست نٿا چاهيون. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف ريڊ زون ۾ داخل نه ٿيڻ جو معاهدو ڪيو هو پر هو ان معاهدي کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪري رهي آهي.

 

آئين ۾ ڪٿي به ناهي لکيل ته ڪاهه ڪري استعيفيٰ گهري وڃي: سينيٽر پرويز رشيد

اسلام آباد 17 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته آئين ۾ ڪٿي به ناهي لکيل ته ڪاهه ڪري استعيفيٰ گهري وڃي، آئيني حدن ۾ رهي سمورا مطالبا ٻڌا ويندا، پاڪ فوج آئين پاڪستان سان گڏ آهي. ڪالهه آچر ڏينهن نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته مظاهرين ريڊ زون ۾ ويندا ته خطري جي صورتحال پيدا ٿيندي، عمران خان ۽ طاهر القادري جلسي لاءِ مخصوص هنڌ تائين رهڻ جي خاطري ڪرائي جنهن کانپوءِ کين اسلام آباد اچڻ جي اجازت ڏني وئي. هن چيو ته عمران خان 10 تڪن ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ تي مارچ ختم ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو هو، حڪومت ان جو هر مطالبو تسليم ڪيو. هن چيو ته سموريون جمهوري قوتون هڪ طرف ۽ 2 ماڻهو ٻي طرف بيٺل آهن.

 

عمران خان سياسي اڪيلائپ جو شڪار آهي: آفتاب احمد شيرپائو

اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) قومي وطن پرٽي جي  سربراهه آفتاب احمد شيرپائو چيو آهي ته  سموريون سياسي پارٽيون جمهوريت جي استحڪام لاءِ متفق آهن. حڪومت کي عاملا حل ڪرڻ لاءِ ڳالهين واري ڪميٽي جوڙڻ گهرجي. آچر ڏينهن پي ٽي وي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته سموريون سياسي پارٽيون ان ڳالهه تي متفق آهن ته جمهوريت ڊي ريل نه ٿئي ۽ سمورا مسئلا آئين جي دائري ۾ رهندي حل ٿين. هن چيو ته تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان سياسي اڪيلائپ جو شڪار آهي ۽ کيس ڪنهن به سياسي پارٽي جي حمايت حاصل نه آهي.

 

عمران خان ۽ طاهرالقادري جا حڪومت خلاف ڪيل مطالبا غير آئيني آهن: عابد شير علي

اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهرالقادري جا گذريل ڏينهن حڪومت خلاف ڪيل مطالبا غير آئيني آهن. جاري ڪيل پڌرائي ۾ مملڪتي وزير چيو ته آزادي ۽ انقلاب مارچ ناڪام ٿي ويندا، ڇاڪاڻ ته عوام ٻنهي پارٽين کي رد ڪري ڇڏيو آهي

 

ملڪ ۾ جمهوريت ۽ حڪومت کي هلڻ ڏنو وڃي :خرم دستگير

اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير خرم دستگير خان چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي سمورا معاملا لاڳاپيل فورم تي اٿارڻ گهرجن ۽ ائين وفاقي راڄڌاني جي امن کي خراب ڪرڻ نه گهرجي. هن چيو ته پي ٽي آءِ کي مسلم ليگ (ن) جي حڪومت کي مليل عوامي مينڊيٽ جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ ملڪ ۾ جمهوريت ۽ حڪومت کي هلڻ ڏنو وڃي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته 2013ع جي عام چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) قومي اسيمبلي جون سڀ کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪيون. پي ٽي آءِ کي آمريت کان بچڻ گهرجي ۽ چونڊ سرشتي ۾ سڌارا آڻن لاءِ تجويزون آڻڻ گهرجن

 

وزير اعظم جي استعيفيٰ جو مطالبو غير آئيني آهي: وزير عابد شير علي

اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته چونڊيل وزير اعظم جي استعيفيٰ جو مطالبو غير آئيني آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ پورو نٿو ڪري سگهجي، سمورين ڌرين کي معاملن جي حل لاءِ لچڪ ڏيکارڻ گهرجي. آچر تي خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير چيو ته عمران خان ۽ طاهرالقادري جا حڪومت خلاف ڪيل مطالبا غير آئيني آهن، وزير اعظم جي استعيفيٰ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

 

سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا اجلاس اڄ ٿيندا

اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا اجلاس 5 ڏينهن جي وقفي کانپوءِ اڄ سومر ڏينهن شام جو ٻيهر ٿيندا. سينيٽ جو اجلاس سينيٽ چيئرمين سيد نيئر حسين بخاري جي صدارت ۾ ٿيندو. اجلاس ۾ نجي ڪارروائي جو ڏينهن هوندو. قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر جي شام اسپيڪر سردار اياز جي صدارت ۾ ٿيندو.

 
More...
<< Start < Prev 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 Next > End >>

Results 10 - 18 of 7364

     

Budget 2014-2015
Federal Budget
Highlights 2014-2015
Punjab Budget
Sindh Budget
KPK Budget
Balochistan Budget
A.J.K Budget
Gilgit Baltistan Budget
Elections 2013
Elections 2013 News
Code of Conduct
Code of Conduct
Manifestos of Parties
Manifestos of Political Parties
Independence Day News
Independence Day News
Economic Survey
Economic Survey 2013-2014
Presidential address to the joint sitting of parliament
Presidential address to the joint sitting of parliament
Parlimentary Proceedings
National Assembly
Senate