Home
 

Today is,

Saturday, 19 April 2014

 

Home | About Us | News | User Login | Jobs | Contact Us | Tender Notices
Untitled Document
Main Menu
Home
News
Blog
Links
Search
Contacts
Seniority List
News Section
National
World
Sport
Business
Forex
Weather
Articles & Features
Sport News
National Women Softball Championship-2014 starts
RAWALPINDI, April 18 (APP): A three-day National Women Softball Championship-2014 started at Pindi Cricket Stadium here on Friday.
 
Army wins national netball championship title
LAHORE, Apr 18 (APP): Army routed Higher Education Commission 27-17 in the final and won the title of the 13th national men’s netball championship at Islamabad’s PSB complex on Friday.
 
Afghan cricket team’s training camp starts
KARACHI, Apr 18 (APP)- A short training of Afghanistan team in preparations for ACC Premier League 2014 began here at the Arabian Sea Country Club (ASCC) at the outskirts of the city on Friday.
 
PCB advertises for spin bowling consultant for Pakistan team
KARACHI, Apr 18 (APP): Pakistan Cricket Board (PCB) on Friday placed an advertisement in some newspapers for positions as the coaching staff in Pakistan cricket.
 
Saeed Ajmal cleared for county cricket
ISLAMABAD, Apr 18 (APP): Star off-spinner Saeed Ajmal has been given clearance by Pakistan Cricket Board to play a shortened stint with Worcestershire in the English season.
 
Archive
Latest News
CBM, Germany to build 25 Patty’s Child Clinics in Pakistan - Sessions judges urged to enforce fundamental rights - Import of electricity from Iran to be beneficial: Siddiq ul Farooq - Nation stands united behind Pakistan Army: PM - Judiciary put an end to constitutional deviations: CJP - Khawaja pays tribute to Pakistan Army
Sindhi News
> PDF Print E-mail

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان لاڀ پرائيندڙن جي انگ ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي: ترجمان وزيراعظم هائوس

اسلام آباد 31 مارچ (اي پي پي( بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان لاڀ پرائيندڙن جي انگ ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي ۽ سوڪهڙي جو شڪار ٿر ۾ هيستائين 24 هزار 388 ماڻهو فنڊ ڪڍرائي چڪا آهن، وزيراعظم هائوس جي ترجمان ٻڌايو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف جي هدايت تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت داخل ٿيل ٿرواسين جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ رقم منتقل ڪئي وئي آهي، وزيراعظم آفيس طرفان دستياب معلومات موجب 6552 ماڻهن مختلف بئنڪن جي اي ٽي ايمن مان فنڊ ڪڍيا آهن جڏهن ته وڌيڪ 17 هزار 836 ڪالهه سومر ڏينهن ٻن پهرن تائين اومني ايجنٽن وسيلي پنهنجو حصو وصول ڪيو. ياد رهي ته وزيراعظم ان کان پهرين علائقي ۾ محدود تعداد ۾ اي ٽي ايمز جو نوٽيس ورتو هو جن مان اڪثر غير فعال آهن ۽ ان جي ڪري سوڪهڙي کان متاثر ماڻهن کي مسئلا درپيش آهن. هن هدايت ڪئي ته اضافي اي ٽي ايم مشينون هنيون وڃن ۽ خراب مشينن کي فعال بڻايو وڃي ته جيئن ماڻهن کي ان حوالي سان مشڪلاتن کي منهن نه ڏيڻو پوي.

 
> PDF Print E-mail

وزيراعظم محمد نواز شريف سان ورلڊ بئنڪ جي مينيجنگ ڊائريڪٽر چيف آپريٽنگ آفيسر جي ملاقات

اسلام آباد – 29 مارچ (اي پي پي( وزيراعظم محمد نواز شريف سان ورلڊ بئنڪ جي مينيجنگ ڊائريڪٽر چيف آپريٽنگ آفيسر مس بسري مولياني اندرا وتري ڪالهه ڇنڇر ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ورلڊ بئنڪ جو ڪنٽري ڊائريڪٽر راشد بن مسعود، ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار ۽ ناصر محمود کوسا به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته حڪومت توانائي ۽ بنيادي ڍابچي جي شعبن ۾ سميت ايندڙ پنجن سالن جي لاءِ پنهنجي ترجيجن جي نشاندهي ڪري رکي اهي، وزيراعظم وڌيڪ  چيو ته ترجيح شعبن ۾ عالمي بئنڪ جي مدد سان پاڪستان کي ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. حڪومت جي توانائي جي لاءِ کنيل قدمن تي روشني وجهندي وزيراعظم چيو ته گڏاڻي جي پاڪستان انرجي پارڪ ۾ ڪوئلي سان توانائي پيدا ڪندڙ 600 ميگاواٽ جا 10 منصوبا به شامل آهن جنهن سان ملڪ ۾ توانائي جي پهچ ۾ 6600 ميگاواٽ بجلي جو اضافو ٿيندو، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ٿر جي ڪوئلي جي ترقي ۽ ان کي توانائي جي پيداوار ۾ استعمال ۾ آڻڻ هڪ ترجيح شعبو آهي، وزيراعظم چيو ته ورلڊ بئنڪ توانائي بحران جي حل لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۾ مدد ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

 
> PDF Print E-mail

وزيراعظم محمد نواز شريف سان ورلڊ بئنڪ جي مينيجنگ ڊائريڪٽر چيف آپريٽنگ آفيسر جي ملاقات

اسلام آباد – 29 مارچ (اي پي پي( وزيراعظم محمد نواز شريف سان ورلڊ بئنڪ جي مينيجنگ ڊائريڪٽر چيف آپريٽنگ آفيسر مس بسري مولياني اندرا وتري ڪالهه ڇنڇر ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ورلڊ بئنڪ جو ڪنٽري ڊائريڪٽر راشد بن مسعود، ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار ۽ ناصر محمود کوسا به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته حڪومت توانائي ۽ بنيادي ڍابچي جي شعبن ۾ سميت ايندڙ پنجن سالن جي لاءِ پنهنجي ترجيجن جي نشاندهي ڪري رکي اهي، وزيراعظم وڌيڪ  چيو ته ترجيح شعبن ۾ عالمي بئنڪ جي مدد سان پاڪستان کي ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. حڪومت جي توانائي جي لاءِ کنيل قدمن تي روشني وجهندي وزيراعظم چيو ته گڏاڻي جي پاڪستان انرجي پارڪ ۾ ڪوئلي سان توانائي پيدا ڪندڙ 600 ميگاواٽ جا 10 منصوبا به شامل آهن جنهن سان ملڪ ۾ توانائي جي پهچ ۾ 6600 ميگاواٽ بجلي جو اضافو ٿيندو، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ٿر جي ڪوئلي جي ترقي ۽ ان کي توانائي جي پيداوار ۾ استعمال ۾ آڻڻ هڪ ترجيح شعبو آهي، وزيراعظم چيو ته ورلڊ بئنڪ توانائي بحران جي حل لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۾ مدد ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

 
> PDF Print E-mail

ملڪ ۾ مضبوط جمهوريت آهي، جمهوريت اصل ۾ هڪ ثقافت، هڪٻئي جي راءِ کي برداشت ڪرڻ  جو نالو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد – 29 مارچ (اي پي پي( وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ مضبوط جمهوريت آهي، جمهوريت اصل ۾ هڪ ثقافت، هڪٻئي جي راءِ کي برداشت ڪرڻ، هڪٻئي جي احترام، ڳالهه ٻولهه ۽ هڪٻئي کي سمجهڻ جو نالو آهي، جيڪو صرف تعليم وسيلي ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو، منهنجو خواب آهي ته پاڪستان جو هر شهري حقيقي معنيٰ ۾ تعليم يافته هجي ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، تعليم سرمائي جو زيان نه آهي پر مستقبل جي سيڙپڪاري آهي، اسان جي تعليمي پاليسي جي ترجيح عورتن جي تعليم هجڻ گهرجي ته جيئن صنفي تعليمي متڀيد جو خاتمو ٿي سگهي. هو ڪالهه ڇنڇر ڏينهن هتي تعليم جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪري رهيو هو. ڪانفرنس جو موضوع “تعليم جي مڪمل ايجنڊا ترقي جي سيڙهي آهي” هو. ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي تعليم بابت خصوصي ايلچي گولڊن برائون، پنجاب جو گورنر چوڌري محمد سرور، ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، خيبرپختونخواه جو گورنر انجينئر شوڪت الله ۽ تعليم جو مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان به موجود هئا. وزيراعظم تعليمي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي چيو ته هي هڪ عظيم مقصد آهي جنهن جي لاءِ اسان هتي گڏ ٿيا آهيون. ايڏي وڏي سرگرمي گورڊن برائون جي ذاتي دلچسپي، عزم ۽ اڻٿڪ ڪاوشن کان بغير ممڪن نه هئي. وزيراعظم ٻڌايو ته سندس گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران گورڊن برائون سان ان نوعيت جي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي اتفاق ٿيو هو. وزيراعظم چيو ته هو ان ڪاوش تي گورڊن برائون ۽ سندس ٽيم کي دل جي گهراين سان خراج تحسين پيش ڪري ٿو. جنهن جي ڪوششن سان اسان اڄ هڪ موضوع تي غور جي لاءِ هتي موجود اهيون۔ وزيراعظم چيو ته تعليم وسيلي مشڪلاتن کي موقعن ۾ تبديل ڪري سگهون ٿا، ان ڪانفرنس ۾ گڏيل قومن جي ادارن، عالمي امدادي اداران، اين جي اوز، نجي شعبي جي نمائندن، تعليمي ماهرن، واپاري اڳواڻن ۽ اسان جي ترقياتي حصيدارن جي وفدن جي شرڪت اسان جي لاءِ تقويت جو سبب آهي ۽ مون کي اميد آهي ته هي هڪ تاريخي ڪانفرنس هوندي ۽ هڪ ڇت جي هيٺيان سمورين ڌرين جي موجودگي پاڪستان ۾ تعليم جي شعبي جي ترقي جي لاءِ لاڀائتي ثابت ٿيندي. وزيراعظم چيو ته اڄ پاڪستان ۾ جمهوريت مستحڪم ٿي رهي آهي، تنهن هوندي به جمهوريت صرف ووٽ وجهڻ ۽ ڳڻپ جو نالو نه آهي اها حقيقت ۾ ثقافت، ڳالهه ٻولهه، هڪٻئي جي راءِ جي احترام ۽ مفاهمت سان گڏوگڏ هڪٻئي جي احترام جو نالو آهي. هڪ جمهوري حڪومت کان ٻي چونڊيل حڪومت کي اقتدار جي خوشگوار ماحول ۾ منتقلي هڪ سٺو آغاز آهي تنهن هوندي به جمهوريت جا حقيقي ثمر اڃان عوام تائين پهچڻا آهن

 

ا

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

پاڪستان جي حڪومت معياري تعليم، صنفي برابري، خواندگي جي شرح ۾ بهتري تي ڌيان ڏئي رهي آهي: وزيراعظم

اسلام آباد – 29 مارچ (اي پي پي( وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت معياري تعليم، صنفي برابري، خواندگي جي شرح ۾ بهتري ۽ نوجوانن کي معاشري ۾ وڌ کان وڌ سکڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ تي پنهنجو ڌيان ڏئي رهي آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه ڇنڇر ڏينهن هتي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون جي تعليم بابت خصوصي ايلچي ۽ برطانيه جي اڳوڻي وزيراعظم گورڊن برائون سان ملاقات دوران چئي، ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، پنجاب جو گورنر چوڌري محمد سرور ۽ تعليم جو مملڪتي وزير بليغ الرحمان به موجود هئا. وزيراعظم چيو آهي ته تعليم يافته آبادي، قانون ۽ ٻين جي حقن جو وڌيڪ احترام، وڌيڪ صحتمند ۽ سڀ کان وڌيڪ تشدد کي ناپسند ڪندڙ واري هوندي آهي ان کانسواءِ تعليم اقتصادي، انٽرپرينيوئرشپ، روزگار ۽ پيداواريت جي شعبن ۾ به اهم عنصر جو درجو رکي ٿي. وزيراعظم چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ خواندگي جي مجموعي شرح 58 سيڪڙو آهي پر مردن ۾ اها شرح وڌيڪ آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته عورتن ۽ مردن جي وچ ۾ خواندگي جي حوالي سان خال کي گهٽ ڪيو وڃي. وزيراعظم تعليم جي شعبي جي بهتري لاءِ گڏيل قومن جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته ملينيم ڊولپمنيٽ گولز تعليم سڀني جي لاءِ جهڙي عالمي ترجيحن لاءِ عالمي حمايت ۽ وسيلا مخصوص ڪرڻ جي ڏس ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

 
> PDF Print E-mail

ملڪ جي جاري معاشي بحالي ۾ ڪاروباري برادري جو اهم ڪردار آهي: صدر

اسلام آباد – 28 مارچ (اي پي پي( صدر ممنون حسين ملڪ جي جاري معاشي بحالي ۾ ڪاروباري برادري جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي زور ڏنو آهي ته هو ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ ۽ حڪومت طرفان مختلف شعبن ۾ غيرملڪي ۽ مقامي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ جي لاءِ پيش ڪيل پرڪشش آڇن مان لاڀ پرائيندي ان ڏس ۾ حڪومت جي ڪوششن ۽ قدمن کي هٿي وٺرائين. سعودي جوائنٽ چيمبرس سعودي عرب جي لاءِ پاڪستاني واپار ۾ اضافي تي ڌيان ڏين. هن اها ڳالهه پاڪ سعودي جوائنٽ چيمبرس آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (پي ايس جي سي سي آءِ) جي وفد سان ڪالهه جمعي ڏينهن هتي ايوان صدر ۾ ڳالهائيندي چئي. پي ايس جي سي سي آءِ جي صدر ميان محمود جي قيادت ۾ وفد ۾ سينيئر نائب صدر ميان محمد حنيف، نائب صدر نعمان ڊار، نائب صدر تنوير الياس خان، نائب صدر خالد فيروز، باني ڊائريڪٽر ۽ ڊائريڪٽر ماليات محمد اعجاز ملڪ، باني ڊائريڪٽر ميان محمد احمد، باني ڊائريڪٽر ميان وقار عزيز ۽ اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل عدنان احمد شامل هئا. صدر ڪاروباري طبقي تي زور ڏنو ته هو حڪومت طرفان پيش ڪيل واپاري مراعتن ۽ آزاداڻي پرڪشش پئڪيجن مان لاڀ پرائين. صدر گذريل سال نومبر ۾ پاڪ سعودي جوائنٽ چيمبرس آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي قيام کانپوءِ ان جي پهرين ڪابينا جي عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته پي ايس جي سي سي آءِ پاڪ سعودي واپاري ۽ سيڙپڪاري رابطن جي وڌيڪ فروغ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جون نيون راهون ڳولڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.

 

ايل اين جي جي قيمت پيٽرول کان 30 سيڪڙو گهٽ هوندي: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد – 28 مارچ (اي پي پي( پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جي وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ايران تي اقتصادي پابندين سبب پاڪ ايران گئس پائيپ لائين منصوبي تي اڃا ڪم اڳيان نه ٿو وڌي سگهي، ايل اين جي جي قيمت پيٽرول کان 30 سيڪڙو گهٽ هوندي، اڳوڻي حڪومت ٽي ڀيرا ايل اين جي درآمد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر سپريم ڪورٽ بدعنواني سبب اهو ڪم روڪرائي ڇڏيو، ايل اين جي جي درآمد لاءِ ٽينڊر شفاف انداز ۾ ڪيا ويا آهن ۽ ڪو ان تي آڱر نه ٿو کڻي سگهي، هلندڙ سال نومبر کان ان ٽرمينل جي ذريعي ايل اين جي درآمد ويندي، ملڪ ۾ 17 آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن، بلوچستان ۾ ڪنهن ڪمپني جي آفيس نه آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران شازيه مري، نگهت پروين مير جي سوالن جي جواب ۾ پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جي پارلياماني سيڪريٽري شهزادي عمرازي ٽوانه ايوان کي ٻڌايو ته ملڪ ۾ هن وقت 3500 سي اين جي اسٽيشنون ڪم ڪري رهيون آهن،

 

حڪومت صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي: رانا محمد افضل خان

اسلام آباد – 28 مارچ (اي پي پي( ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري رانا محمد افضل خان چيو آهي ته ماضي ۾ مالياتي بدانتظامي سبب ملڪي قرضن جي شرح ۾ واڌ ٿي، حڪومت صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، جي ڊي پي جي تناسب سان قرضن جي شرح ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، بهتر مالياتي نظم ۽ ضبط ۽ حڪومتي ادارن جي ڪارڪردگي سان ان ۾ وڌيڪ بهتري ايندي تنهن هوندي به اصل صورتحال ڊسمبر 2014ع تائين واضح ٿي ويندي. ڪالهه جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ڊاڪٽر عارف علوي جي قرضن جي حوالي سان تجديد قرض ايڪٽ 2005ع جي خلاف ورزي بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي پارلياماني سيڪريٽري رانا محمد افضل خان چيو ته 2005ع جي ايڪٽ تحت قرضن جو ماپو 60 سيڪڙو کان وڌيڪ نه هجڻ گهرجي.

 

سعودي عرب کي ڪنهن قسم جا هٿيار وڪرو ڪرڻ يا فوج موڪلڻ جو ڪو پروگرام نه آهي: قومي اسيمبلي کي آگاهي

اسلام آباد – 28 مارچ (اي پي پي( قومي اسيمبلي کي دفاعي پيداوار واري وزارت پاران ٻڌايو ويو آهي ته سعودي عرب کي ڪنهن قسم جا هٿيار وڪرو ڪرڻ يا فوج موڪلڻ جو ڪو پروگرام نه آهي، حڪومت ان سلسلي ۾ پهرين به واضح طور چئي چڪي آهي، حڪومت ملڪ ۾ غيرقانوني اسلحي جي روڪٿام يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو جي ضمني سوال جي جواب ۾ پارلياماني سيڪريٽري راجا جاويد اخلاص چيو ته سعودي عرب کي ڪي به هٿيار وڪرو نه پيا ڪيا وڃن نه ئي ڪي هٿيار ڏنا ويا آهن نه ئي اهڙي قسم جي ڪا منصوبابندي آهي. هن چيو ته اهي اخباري خبرون آهن حقيقت سان ان جو ڪو تعلق نه آهي.

 

 

 
More...
<< Start < Prev 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 Next > End >>

Results 28 - 36 of 7193

     

Earthquake News
Balochistan Earthquake 2013 News
Elections 2013
Elections 2013 News
Chinese Premier Visit to Pakistan
Chinese Prime Minister Visit to Pakistan Chinese Prime Minister Visit to Pakistan
Code of Conduct
Code of Conduct
Manifestos of Parties
Manifestos of Political Parties
Independence Day News
Independence Day News
Economic Survey
Economic Survey 2011-2012
Economic Survey 2010-2011
Economic Survey 2009-2010
Presidential address to the joint sitting of parliament
Presidential address to the joint sitting of parliament
Parlimentary Proceedings
National Assembly
Senate