Home
 

Today is,

Tuesday, 23 December 2014

 

Home | About Us | News | User Login | Jobs | Contact Us | Tender Notices
Untitled Document
Main Menu
Home
News
Blog
Links
Search
Contacts
News Section
National
World
Sport
Business
Forex
Weather
Articles & Features
Sport News
Team Bilal grabs to honor in KBA Bridge
KARACHI, Dec 22 (APP): Team Bilal grabbed the Karachi Bridge Association (KBA) weekly title by accumulating 56.54 Victory points (VPs) at Aslam Hall, KBA announced on Monday.
 
Rookie Manzoor, Azhar make NBP batsmen struggle in Quaid Trophy final
KARACHI, Dec. 22 (APP)- Rookie paceman Manzoor Khan and Test batsman Azhar Ali shared five wicket between them as National Bank of Pakistan (NBP) batsmen struggled as they reached 239 for the loss of eight wickets in their first innings in their 5-day Quaid-e-Azam Cricket Trophy Gold League final against Sui Northern Gas Pipelines Ltd (SNGPL) on Monday.
 
Athletic coaches course concludes
ISLAMABAD, (APP): A five-day course for athletic coaches concluded on Monday here at Jinnah Hall, Pakistan Sports Complex, Islamabad.
 
Tendulkar announced as ICC Cricket World Cup 2015 Ambassador
KARACHI, Dec. 22 (APP)- The International Cricket Council (ICC) Monday announced Sachin Tendulkar as the ICC Cricket World Cup 2015 Ambassador.
 
Younis Khan becomes oldest Pakistani to score a century in ODI
ISLAMABAD, Dec 18 (APP): Although Younis Khan’s hundred in the third ODI against New Zealand at Abu Dhabi went in vain, he did create a record on the way, becoming the oldest Pakistani batsman to score a one-day hundred.
 
Archive
Latest News
Decisive war against terrorists waged: Shahbaz - 13 terrorists killed in Karachi - Tajik State Material Agency Director calls on Sartaj Aziz - Return of Afghan refugees to be ensured through coordinated efforts:... - Writ of state institutions to be ensured at every cost: Jhagra - President stresses promotion of interfaith harmony, national unity
Sindhi News
> PDF Print E-mail

 

دهشتگردي جا واقعا پاڪستان جي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهندڙ سازشن جو حصو آهن: صدر

اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته دهشتگردي جا واقعا پاڪستان جي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهندڙ سازشن جو حصو آهن، پشاور سانحي کانپوءِ قومي قيادت طرفان سياسي پختگي جو مظاهرو حوصلائتو قدم آهي. صدر ممنون حسين اها ڳالهه ڪرسمس جي موقعي تي ايوان صدر ۾ منعقد ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي چئي، ان موقعي تي صدر چيو ته هي تقريب اهڙي موقعي تي ملهائي پئي وڃي جڏهن سڄي پاڪستاني قوم تازو هڪ وڏو سانحو سٺو آهي ۽ ڪجهه وحشي درندن اسان جي اسڪول تي حملو ڪيو ۽ اسان جي 132 معصوم ٻارن ۽ 9 استادن کي شهيد ڪيو ويو، سڄي پاڪستاني قوم هن وقت هڪ عظيم سانحي ۾ ورتل آهي.

 

 

 

حڪومت دهشتگردن ۽ انهن کي تحفظ ڏيندڙن جي وچ ۾ ڪو فرق نه ڪندي: وزيراعظم

اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته حڪومت دهشتگردن ۽ انهن کي تحفظ ڏيندڙن جي وچ ۾ ڪو فرق نه ڪندي، معصوم ماڻهن جو رت وهائيندڙ دهشتگردن خلاف فيصلائتي ڪارروائي ٿيندي، دهشتگردي پاڪستان جي لاءِ ڪينسر وانگر آهي ۽ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ان لعنت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو وڃي. ڪالهه سومر ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي قومي منصوبي بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي هن چيو ته آپريشن ضرب عضب قبائلي علائقن ۾ جاري آهي جڏهن ته ٻي ڪارروائي اسان جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ لڪل دشمن جي خلاف هوندي.

 

وزيراعظم سان ناڻي واري وفاقي وزير جي ملاقات، ملڪي معيشت بابت آگاهي

اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف سان ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ملاقات ڪري ٻڌايو ته ملڪ جي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 15 ارب ڊالر کان وڌي ويا آهن، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار وزيراعظم محمد نواز شريف کي معاشي قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني جنهن سبب هدف حاصل ڪرڻ ممڪن ٿيو. هن ٻڌايو ته پرڏيهي ناڻي جو 10 ارب ڊالر جو ذخيرو اسٽيٽ بئنڪ وٽ ۽ باقي ڪمرشل بئنڪن وٽ آهي، وزيراعظم ان ڪاميابي تي ناڻي واري وفاقي وزير ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد ڏني.

 

پرويز رشيد جي پشاور ۾ شهيد ٿيندڙ حسن زيب جي والدين ۽ ڀاءُ سان ملاقات، تعزيت جو اظهار

اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد پشاور ۾ شهيد ٿيندڙ حسن زيب جي والدين ۽ ڀاءُ موسيٰ زيب سان ملاقات ڪئي ۽ ساڻن دلي تعزيت جو اظهار ڪيو، وزيراعظم جي پوليٽيڪل سيڪريٽري ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي به ان موقعي تي وزيراعظم طرفان تعزيت جو اظهار ڪيو، وفاقي وزير موسيٰ زيب کي گلي لڳايو ۽ ساڻس شفقت جو اظهار ڪيو، موسيٰ زيب پشاور ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ محفوظ رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير پرويز رشيد ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته قوم ان افسوسناڪ واقعي تي سوڳ ۾ آهي، هر پاڪستاني ان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي، شهيد حسن زيب وزيراعظم جي اڳوڻي پريس سيڪريٽري ۽ انفارميشن گروپ جي سينيئر آفيسر شبير انور جو ڀائٽيو به هو.

 

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پاران پشاور ۾ زخمي ٻارن جي عيادت

پشاور – 22 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول جي زخمي ٻارن جي عيادت ڪئي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي آرمي پبلڪ اسڪول جي زخمي شاگردن جي ليڊي ريڊنگ اسپتال پشاور ۾ عيادت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر آرمي پبلڪ اسڪول تي دهشتگردن جي حملي جي غيرانساني قدم ۽ انساني سانحو قرار ڏنو ۽ چيو ته ملڪي تاريخ ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي، اسان هن قومي سانحي کي ڪڏهن به وساري نه سگهنداسين.

 

 
> PDF Print E-mail

پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي رهيا آهن: خواجه آصف

اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پاڪ فوج ۽ ٻيا سيڪيورٽي ادارا دهشتگردي جي خاتمي ۽ سماج دشمن عنصرن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي رهيا آهن، دهشتگردن کي سهولت ڏيندڙن ۽ مددگارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته سيڪيورٽي ادارن دهشتگردن جا منصوبا ناڪام بڻائڻ جي لاءِ ڪاررايون ڪيون آهن. پاڪستان ۽ افغانستان جي گڏيل گروپ جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته علائقي مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 

وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن ۾ سڌارن جي ضرورت آهي: عباس آفريدي

اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جي وفاقي وزير عباس خان آفريدي چيو آهي ته وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن ۾ سڌارن جي ضرورت آهي ته جيئن ترقي جو مقصد حاصل ڪري سگهجي. هن اهڙن خيالن جو ا ظهار گذريل ڏينهن هڪ ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ڪيو.

 

گلن جي شهر پشاور کي معصوم گلن جي رت سان وهنجاريو ويو: چوڌري برجيس طاهر

اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن جي وفاقي وزير چوڌري محمد برجيس طاهر چيو آهي ته گلن جي شهر پشاور کي معصوم گلن جي رت سان وهنجاريو ويو، پوري قوم انهن ٻارن جي والدين جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ننڪانه صاحب ۾ پشاور جي شهيدن جي ياد ۾ منعقد ٿيندڙ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن ۾ ضلعي انتظاميا ۽ زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. هن شهيد ٿيندڙ شاگرد جي خاندان کي 16  لک رپين جو امدادي چيڪ پڻ ڏنو. تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اهو پاڪستان جي تاريخ ۾ دهستگردي جو سڀ کان وحشياڻو واقعو آهي جنهن ۾ شاگردن سان گڏ اسڪول جي پرنسپل طاهره قاضي سميت عملي جا 9 ميمبر به دهشتگردي جو نشانو بڻيا. 

 

 

 
> PDF Print E-mail

قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي: صدر

پشاور – 20 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي، جنهن جو ملڪ مان هر قيمت تي خاتمو ڪيو ويندو. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پشاور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پشاور سانحي قوم کي متحد ڪيو، اهي ماڻهو جيڪي دهشتگردن جي لاءِ نرم دل رکندا هئا هاڻي اهي به دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تي  زور ڏئي رهيا آهن ته جيئن ملڪ کي محفوظ بڻائي سگهجي. هن چيو ته عالمي برادري به دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين کي تسليم ڪيو ويو آهي ۽ پاڪستان کي پنهنجي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. صدر چيو ته پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جنهن دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ وڏو نقصان برداشت ڪيو.

 

پشاور سانحي دوران زخمي ٿيندڙ ٻارن کي نفسياتي مدد فراهم ڪئي وڃي: ماروي ميمڻ

اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن ماروي ميمڻ چيو آهي ته پشاور سانحي دوران زخمي ٿيندڙ ٻارن کي نفسياتي مدد فراهم ڪئي وڃي. ريڊيو پاڪستان سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف متاثرين کي  ڏني ويندڙ طبي سهولتن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ کين پشاور موڪليو. هن چيو ته متاثرين صدمي جي حالت ۾ هئا ۽ هو ڪجهه ڳالهائي نه رهيا هئا. کين نفسياتي تعاون جي ضرورت آهي.

 

 
> PDF Print E-mail

دهشتگرد رياست آڏو سر جهڪائين نه ته انجام لاءِ تيار ٿين: صدر

راولپنڊي 19 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته دهشتگرد رياست آڏو سر جهڪائين نه ته هو بدترين انجام لاءِ تيار ٿي وڃن، هن اها ڳالهه ڪالهه جمعي ڏينهن هتي ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز پاڪستان جي 48 هين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي چئي. صدر چيو ته پشاور سانحي حوصلا پرست ناهن ڪيا پر دهشتگردي خلاف عزم کي وڌيڪ پختو ڪيو آهي، قوم دهشتگردن خلاف وڙهندڙ فوج جي پويان بيٺل آهي، هن چيو ته پاڪستاني قوم دهشتگردي کان نفرت ڪري ٿي ۽ پنهنجي وطن کي پرامن ۽ مستحڪم بڻائڻ چاهي ٿي. اسان جي ان قومي عزم سامهون ڪا به رڪاوٽ نٿي اچي سگهي.

 

پاڪستان سرن جو باضابطه ايسوسيئيٽ ميمبر بڻجي ويو

اسلام آباد 19 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ايٽمي تحقيق بابت يورپي تنظيم (سرن) جو باضابطه ايسوسيئيٽ ميمبر بڻجي ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان کي ان اعليٰ اداري ۾ پنهنجي سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي سائنسي تجربن جو موقعو ملندو. وزيراعظم نواز شريف ملڪ جي ترقي ۾ ان کي هڪ يادگار لمحو قرار ڏنو آهي، هن اها ڳالهه وزيراعظم هائوس ۾ سرن جي ميمبرشپ لاءِ منعقد تقريب جي موقعي تي چئي. دستاويز تي سرن جي ڊاڪٽرن جنرل رالف هيوئر ۽ پاڪستان ايٽامڪ انرجي جي چيئرمين ڊاڪٽر عنصر پرويز صحيحون ڪيون. ميمبرشپ سان پاڪستان کي سرن سان پائيدار ۽ اداراجاتي لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

 

پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپا اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ تبديل ٿي چڪا آهن: صدر

اسلام آباد 19 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپا اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ تبديل ٿي چڪا آهن، ٻنهي ملڪن جي نئين حڪومتن ٻي طرفي ايجنڊا ۾ اقتصادي حصيداري کي مرڪزي حيثيت ڏني جنهن سان تعاون جي نئين دور جو آغاز ٿيو آهي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه سان نه رڳو پاڪستان پر سڄي خطي ۾ انقلاب برپا ٿي ويندو. پشاور سانحي جهڙا المناڪ واقعا دهشتگردن ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ اسان جي عزم کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن. هو جمعي ڏينهن پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ چيني صدر زي جن پنگ جي ڪتاب دي گورننس آف چائنا جي رونمائي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.

 

وزيراعظم جو جنرل هيڊڪوارٽر جو دورو

اسلام آباد 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ڪالهه جمعي ڏينهن راولپنڊي جنرل هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو ۽ قومي سلامتي بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي، اجلاس ۾ بري فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف ۽ سينئر فوجي عملدارن شرڪت ڪئي ۽ ملڪ جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو

 

 

وزيراعظم سان چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي وفد جي ملاقات

اسلام آباد 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف سان چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي ڪميٽي جي انٽرنيشنل ڊپارٽمينٽ جي نائب وزير چن فينگ شيانگ ڪالهه جمعي ڏينهن صبح جو 6 رڪني وفد سان گڏ وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ چيني قيادت طرفان پشاور سانحي تي تعزيت ڪئي، وفد وزيراعظم کي ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي سينٽرل ڪميٽي جي 18 هين اجلاس سميت تازين سرگرمين تي بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته سينٽرل ڪميٽي جي اجلاس ۾ چين ۾ قانون جي حڪمراني ۽ انتظامي عملدارن جي احتساب ۾ اضافي تي ڌيان ڏنو ويو آهي.

 

سينيٽ پاران پشاور سانحي جي خلاف هڪ مذمتي قرارداد منظور

اسلام آباد 19 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي جي خلاف هڪ مذمتي قرارداد منظور ڪندي ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستاني معاشري کي محفوظ بڻائڻ لاءِ تحريڪ طالبان پاڪستان سميت هر قسم جي دهشتگردن خلاف رت جي آخري ڦڙي تائين جنگ جاري رهندي. ڪالهه جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر ميان رضا رباني قرارداد پيش ڪندي چيو ته سينيٽ 16 ڊسمبر تي پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول جي ٻارن جي بي رحماڻي ۽ بي دردي سان شهادت تي ڏک جو اظهار ڪري ٿو ۽ ان کي قومي سانحو قرار ڏئي ٿو، هي پاڪستاني معاشري ۽ ملڪ جي مستقبل تي حملو آهي.

 

سريلنڪا جي صدر جي وزيراعظم کي ٽيليفون، پشاور سانحي تي ڏک جو اظهار

ڪولمبو 19 ڊسمبر (اي پي پي) سريلنڪا جي صدر مهندا راجا پڪسي وزيراعظم محمد نواز شريف کي ٽيليفون ڪري پشاور سانحي تي ڏک جو اطهار ڪيو آهي، ڪالهه جمعي ڏينهن ڪولمبو مان پاڪستاني هاءِ ڪمشنر جي پريس رليز موجب سريلنڪا جي صدر سوڳوار خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. پشاور سانحي جي ياد ۾ سريلنڪا جي گادي واري شهر ۾ ڏيئا روشن ڪيا ويا ۽ معصوم شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو.

 

برطانيه جي راڻي پاران معصوم جانين جي شهادت تي صدر سان تعزيت

اسلام آباد 19 ڊسمبر (اي پي پي) برطانيه جي ملڪه ايلزبٿ II آرمي پبلڪ اسڪول پشاور تي دهشتگرد حملن ۾ معصوم جانين جي شهادت تي صدر ممنون حسين کي تعزيت جو ذاتي پيغام موڪليو آهي، برطانوي هاءِ ڪميشن جي پريس رليز موجب ملڪه برطانيه پنهنجي طرفان ۽ عوامي طرفان پشاور سانحي جي سمورن سوڳوار خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي، ملڪه برطانيه کانسواءِ برطانيه وزيراعظم ڊيوڊ ڪميرون وزيراعظم محمد نواز شريف سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.

 

صدر سان او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل عياض امين مدني جي ملاقات

اسلام آباد 19 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين ۽ اسلامي ڪانفرنس تنظيم جي سيڪريٽري جنرل عياض امين مدني ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ اعلانن کان اڳتي وڌي عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ سڄي مسلمان امت جي وچ ۾ ذهني هم آهنگي آهي، صدر ممنون حسين سان اسلامي ڪانفرنس تنظيم جي سيڪريٽري جنرل عياض امين مدني ڪالهه جمعي ڏينهن ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، جيڪو خاص طور تي پشاور سانحي تي تعزيت جي لاءِ سعودي عرب کان اسلام آباد آيو هو

 

پاڪستان جو آئين سڀني کان مٿي آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد 19 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته پاڪستان جو آئين سڀني کان مٿي آهي. جمعي ڏينهن پي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان جي آئين تي سموريون پارٽيون متفق آهن، اسان مسلمان ۽ پاڪستاني هجڻ جي حيثيت سان پنهنجي ملڪي آئيني جي پاسداري ڪريون ٿا. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ طالبان جي انتهاپسندي جي ڪا به گنجائش نه آهي.

 

پشاور سانحي جي شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ پي آءِ ڊي ۾ فاتحه خواني

اسلام آباد 19 ڊسمبر (اي پي پي) پشاور سانحي جي شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ فاتحه خواني ڪئي وئي. فاتحه خواني ۾ پي آءِ ڊي ۽ اي پي پي جي اعليٰ عملدارن ، ڪارڪنن ۽ صحافين جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي. فاتحه خواني جي موقعي تي شهيد ٿيندڙ شاگردن، استادن ۽ ٻين جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي وئي ۽ سوڳوار خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو. جڏهن ته پي آءِ ڊي چوڪ تي ميڻ بتيون ٻاري شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو

 

پاڪستان فارين آفيس وومين ايسوسيئيشن  موثر ڪردار ادا ڪري رهي آهي: محموده ممنون حسين

اسلام آباد 19 ڊسمبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم محموده ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان فارين آفيس وومين ايسوسيئيشن ملڪ جي ثقافت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هڪ موثر ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ڪالهه جمعي ڏينهن هتي ايسوسيئيشن جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي سان هڪ اجلاس ۾ هن چيو ته پاڪستان فارين آفيس وومين ايسوسيئيشن پاڪستان جي لاءِ هڪ رول ماڊل آهي، پاڪستان فارين آفيس وومين ايسوسيئيشن جي وفد ۾ ايسوسيئيشن جي صدر ناجيا اعزاز  ۽ ٻيا عهديدار شامل هئا.

 

قومي اسيمبلي جي اطلاعات ، نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد 19 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اطلاعات ، نشريات ۽ قومي ورثي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اطلاعات واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته دهشتگردي جي واقعن جي حوالي سان ميڊيا ضابطي جي فهرست پيش ڪئي وڃي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه جمعي ڏينهن هتي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن ماروي ميمڻ جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن کانپوءِ ميڊيا جي ڪردار جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ اجلاس سومر ڏينهن ٿيندو ۽ دهشتگردي جي خاتمي بابت قومي لائحه عمل جوڙڻ لاءِ تجويزن کي حتمي شڪل ڏني ويندي.

 

 
> PDF Print E-mail

صدر ۽ وزيراعظم پاران پاڪستان کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ جي عزم جو اظهار

اسلام آباد 18 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين ۽ وزيراعظم محمد نواز شريف ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستان کي دهشتگردي کان پاڪ ڪري امن جو گهوارو بڻايو ويندو ۽ دهشتگردن سان هاڻي ڪنهن به قسم جي رعايت کان ڪم نه ورتو ويندو. صدر ممنون حسين سان وزيراعظم محمد نواز شريف ڪالهه خميس ڏينهن ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي ۽ کيس پشاور سانحي، آل پارٽيز ڪانفرنس ۽ دهشتگردن کي منهن ڏيڻ لاءِ اختيار ڪيل حڪمت عملي جي معاملن کان آگاهه ڪيو، ٻنهي اڳواڻن چيو ته ملڪ جي عوام خاص طور تي قوم جي معمارن کي دهشتگردن جي رحم ڪرم تي نٿو ڇڏي سگهجي.

 

صدر سان بوهره برادري جي روحاني پيشوا جي ملاقات، پشاور سانحي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد 18 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين سان بوهره برادري جي روحاني پيشوا سيدنا مفصل سيف الدين تاش ملاقات ڪئي ۽ پشاور سانحي تي بوهره برادري طرفان ڏک جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پوري بوهره برادري پاڪستان جي عوام جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي، ٻئي طرف بوهره برادري جي اڳوڻي روحاني پيشوا مرحوم امام سيدنا برحان الدين جي ڀاءُ شهزاده علي اصغر ڀائي ڪليم الدين پڻ صدر سان ملاقات ڪئي ۽ پشاور سانحي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي.

 

وزيراعظم سان چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل طاهر رفيق بٽ جي ملاقات

اسلام آباد 18 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف سان چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل طاهر رفيق بٽ ڪالهه خميس ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات جي دوران پاڪستان ايئر فورس جي پيشوراڻي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

 

وزيراعظم پاران باجوڙ ايجنسي ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملي جي مذمت

اسلام آباد 18 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف باجوڙ ايجنسي ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي ۽ جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه خميس ڏينهن هتي پنهنجي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته دهشتگرد فرار ٿي رهيا آهن ۽ مايوسي جي حالت ۾ بزدلاڻيون ڪارروايون ڪري رهيا آهن جن کي جلد نابود ڪيو ويندو.

 

ايڪشن پلان ڪميٽي جو پهريون اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد 18 ڊسمبر (اي پي پي) حڪومت سمورين پارلياماني گروپن کان باضابطه درخواست ڪئي آهي ته هو پشاور سانحي سبب دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ايڪشن پلان جوڙيندڙ ڪميٽي لاءِ  پنهنجي ميمبرن جا نالا ڏين. سرڪاري ذريعن مطابق ڪميٽي لاءِ حڪومت کي هن وقت تائين 3 نالا ملي چڪا آهن، جڏهن ته ٻين نالن جو انتظار ڪيو پيو وڃي، ڪميٽي جو پهريون اجلاس پارليامينٽ هائوس جي ڪميٽي روم ۾ اڄ جمعي ڏينهن شام جو چئين وڳي ٿيندو.

 

 

حڪومت دهشتگردن کي موت جي سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد 18 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته پاڪستان 13 سالن کان دهشتگردي جو شڪار آهي، حڪومت دهشتگردي ۾ ملوث جوابدارن کي موت جي سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ان عزم سان اقتدرا ۾ آئي ته ملڪ مان انتهاپسندي جو خاتمو ڪيو ويندو،معيشت بهتر بڻائي ويندي ۽ توانائي جي بحران تي ضابطو آند ويندو. ڪالهه خميس شام نيشنل پوليس اڪيڊمي ۾ پوليس آفيسرن جي تربيتي ڪورس جي پڄاڻي واري سيشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته آئون ان وقت توهان کي خطاب ڪري رهيو آهيان جڏهن اسان دهشتگردن جي هٿان معصوم ٻارن جي شهادت تي سوڳ جي حالت ۾ آهيون،

 

 

حڪومت توانائي جي بحران تي ضابطو آڻڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي: خواجه آصف

اسلام آباد 18 ڊسمبر (اي پي پي) پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته حڪومت توانائي جي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ پن بجلي جي منصوبن مان سستي بجلي پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ديا مرڀاشا ڊيم ۽ داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيا ويندا، ننڍن ڊيمن جي تعمير لاءِ صوبن سان ڀرپور تعاون ڪنداسين. اها ڳالهه هن ڪالهه خميس ڏينهن هتي قومي اسيمبلي جي پاڻي ۽ بجلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن جي مختلف سوالن جي جواب ۾ چئي.

 

سوشل ميڊيا عوامي ۽ حڪومتي سطح تي  رابطن کي به فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو: محمد اعظم

اسلام آباد 18 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات،نشريات ۽ قومي ورثي جي وفاقي سيڪريٽري محمد اعظم سارڪ جي ميمبر ملڪن ۾ سوشل ميڊيا کي تبديلي ۽ خوشحالي جي ذريعي طور ڪتب آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سوشل ميڊيا ميمبر ملڪن ۾ ثقافت ۽ سياحت سان گڏوگڏ عوامي ۽ حڪومتي سطح تي واپاري رابطن کي به فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. اسان جي خطي کي سائبر اسپيس جي بهتر ۽ محفوظ استعمال جي لاءِ قانونسازي تيز ڪرڻي پوندي. هو ڪالهه خميس ڏينهن سارڪ خطي جي اتحاد ۾ سوشل ميڊيا جي ڪردار سائبر قانونن ۽ سوشل ميڊيا مينيجمينٽ عنوان سان منعقد ٿيندڙ ورڪشاپ جي افتتاحي ويهڪ کي خطاب ڪري رهيو هو.

پشاور سانحو قومي سانحو آهي: ماروي ميمڻ

اسلام آباد 18 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن ۽ قومي اسيمبلي ميمبر ماروي ميمڻ چيو آهي ته پشاور سانحو هڪ قومي سانحو آهي ۽ اسان سڀ متاثر خاندانن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. وفاقي حڪومت زخمين جي علاج ۾ ڀرپور تعاون ڪندي. هن چيو ته هو وزيراعظم ميان محمد نواز شريف جي خصوصي هدايت تي ليڊي ريڊنگ اسپتال پشاور ۾ زخمين جي عيادت ۽ احوال وٺڻ جي لاءِ ماهر ڊاڪٽرن جي هڪ ٽيم سان گڏ آئي آهي.

 

پي آءِ ڊي اسلام آباد پاران اڄ پشاور سانحي جي شهيدن جي ياد ۾ دعا جي تقريب ٿيندي

اسلام آباد 18 ڊسمبر (اي پي پي) پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پشاور سانحي جي شهيدن ۽ سوڳوار خاندانن جي لاءِ اڄ جمعي ڏينهن شام جو 3 وڳي ميڊيا سينٽر پي آءِ ڊي ۾ دعا لاءِ تقريب منعقد ٿيندي شام سوا 5 وڳي پي آءِ ڊي (بي ايف بلڊنگ) خيابان سهروردي جي سامهون پشاور سانحي جي شهيدن جي ياد ۾ ميڻ بتيون ٻاريون وينديون.

 

 
More...
<< Start < Prev 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 Next > End >>

Results 1 - 9 of 7492

kashmir black day

Budget 2014-2015
Federal Budget
Highlights 2014-2015
Punjab Budget
Sindh Budget
KPK Budget
Balochistan Budget
A.J.K Budget
Gilgit Baltistan Budget
Elections 2013
Elections 2013 News
Code of Conduct
Code of Conduct
Manifestos of Parties
Manifestos of Political Parties
Independence Day News
Independence Day News
Economic Survey
Economic Survey 2013-2014
Presidential address to the joint sitting of parliament
Presidential address to the joint sitting of parliament
Parlimentary Proceedings
National Assembly
Senate