Today is,

Monday, 20 October 2014

 

Home | About Us | News | User Login | Jobs | Contact Us | Tender Notices
Untitled Document
Main Menu
Home
News
Blog
Links
Search
Contacts
Seniority List
News Section
National
World
Sport
Business
Forex
Weather
Articles & Features
Sport News
Pakistan capable of toppling Aussies despite difficulties: Bari
KARACHI, Oct. 19 (APP): Pakistan team is capable of topping  formidable Australian team despite their problems in one-day series and one-off T20 match, former Pakistan captain Wasim Bari said on Sunday.
 
16-member squad announced for 1st test
LAHORE, Oct 18 (APP): The PCB selection committee on Saturday announced the 16-member Pakistan cricket team squad for the first test match against Australia from October 22 (Wednesday).
 
3 uncapped players named in test squad
LAHORE, Oct 18 (APP):Three uncapped players have been named in the test squad announced for the first test match between Pakistan and Australia from October 22 (Wednesday).
 
Test squad: A blend of youth and experience says Moin Khan
LAHORE, Oct 18 (APP): Chief Selector Moin Khan has said that the 16-member test squad for the first test between Pakistan and Australia is a nice blend of experience and youth and has been selected in view of the  next year’s ICC Cricket World Cup 2015.
 
CAS Intíl Squash Cíship to start on Thursday
ISLAMABAD, Oct 15 (APP): The Chief of Air Staff (CAS) International Squash Championship will start from Thursday here at Mushaf Squash Complex with pre-qualifying round.
 
Archive
Latest News
PM meets Governor - Security plan finalized for President\'s visit to GB - Govt releases Rs72.679 bln for development projects - 8 dead, 15 injured in road mishap - Govt making plans to utilize solar, wind, hydel, coal, gas resources... - Sartaj Aziz visits Kabul as PM\'s special envoy
President condoles with journalist over sonís death PDF Print E-mail
ISLAMABAD, April 30 (APP): President Asif Ali Zardari expressed grief and sorrow over the sad demise of Hamza Javed, son of Javed Iqbal Butt, a Madinah Munawarrah-based journalist working for Nawa-i-Waqt and Waqt Television. Hamza Javed, 21, died in a road accident in Jeddah. The President, in his condolence message, prayed Allah Almighty to rest the departed soul in eternal peace and grant courage to the bereaved family to bear the loss with fortitude.
 
> PDF Print E-mail

هڪ وقت ۾ ٻه ٻه عدالتون لڳل آهن، شريف ڪورٽن کي نٿو مڃان، هاءِ جيڪنگ ڪيس ۾ ملوث هجڻ باوجود نواز شريف کي سر تي ويهاريو، اقتدار سان چنبڙي رهڻ جو شوق ناهي، اپيل جو فيصلو خلاف آيو ته آرام سان ملتان هليو ويندس، پر وزيراعظم اهو ٿيندو جنهن تي آئون هٿ رکندس: وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد - 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو  آهي ته هڪ وقت ۾ ٻه ٻه عدالتون لڳل آهن، شريف ڪورٽن کي نٿو مڃان، هاءِ جيڪنگ ڪيس ۾ ملوث هجڻ باوجود نواز شريف کي سر تي ويهاريو، اقتدار سان چنبڙي رهڻ جو شوق ناهي، اپيل جو فيصلو خلاف آيو ته آرام سان ملتان هليو ويندس، پر وزيراعظم اهو ٿيندو جنهن تي آئون هٿ رکندس، مسلم ليگ (ن) چاهي ٿي ته سرائيڪي صوبو ٺهڻ کان اڳ ۾ حڪومت ختم ٿي وڃي، مخالف ڌر اڳواڻ ڪيترائي ڀيرا چوڻ باوجود چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ نالا نه ڏنا، هو چيف اليڪشن ڪمشنر جي رٽائرڊ ٿيڻ جو  انتظار ڪري رهيو هو، سندس ارادا ڪجهه ٻيا آهن، ڇو چاهي ٿو ته جمهوريت پٽڙي تان لهي وڃي، حڪومت هلي وڃي ته اهو امير المومنين بڻجي ملڪ تي حڪمراني ڪن، سينيٽرن جو واڪ آئوٽ ڪرڻ وارو قدم ساراهه جوڳو آهي،انهن احتجاج بدران هڪ جمهوري طريقو اختيار ڪيو، سڀني کي خبر آهي ته هي احتجاج نٿو بڻجي، آئون ملڪي تاريخ ۾ پهريون متفقه چونڊيل وزيراعظم آهيان، مسلم ليگ (ن) به مون کي ووٽ ڏنو هو، آئون بلڪل هدف ناهيان، معاملو اين آر او جو آهي پر اين آر او مان مون فائدو ناهي کنيو، منهنجو ڏوهه آئين ۽ قانون جو تحفظ ڪرڻ آهي،  ڪالهه سينيٽ ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته سينيٽرن جو واڪ آئوٽ ڪرڻ وارو قدم واکاڻ جوڳو آهي، هن چيو ته راجا ظفر الحق منهنجي والد جو ساٿي آهي، والد جي وفات کانپوءِ هو متحده مسلم ليگ جي مرڪزي ڪميٽي جو ميمبر چونڊيو، هن چيو ته جڏهن هو وفاقي وزير هو ته ان وقت چوڌري نثار علي خان پارلياماني سيڪٽري هو، 85، 88ع، 90ع، 93ع ۾ قومي اسيمبلي ميمبر چونڊيو، 1997ع ۾ پيپلزپارٽي پنجاب ۾ سموريون سيٽون هارائي وئي هئي، 2002ع ۾ منهن جو هڪ عزيز چونڊجي ويو، هو ان وقت جيل ۾ هو، 2008ع ۾ هو ٻيهر چونڊجي آيو، هن چيو ته اسان کي چيو ويندو آهي ته هي سزا يافته صدر ۽ وزيراعظم آهن، يادداشت ڪم ڪري ٿي ته معلوم ٿئي ٿو ته هو به 9 سال سزا يافته رهيا، هاءِ جيڪنگ ڪيس ۾ ملوث هجڻ باوجود کين مٿي تي ويهاريو ۽ هر موقعي تي انهن جو ساٿ ڏنو، هن چيو ته جيئن ئي مون کي 30 سيڪنڊن جي سزا ملي ته آواز اچڻ شروع ٿيا ته مون کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، آئون شريف ڪورٽس کي نٿو مڃان،

 
> PDF Print E-mail

پاڪستان ۾ ڪو آئيني مسئلو نه آهي، عدالتون ڪنهن عوامي نمائندي کي نااهل قرار نه ٿيون ڏئي سگهن، سپريم ڪورٽ پاران ٿيندڙ سزا جي خلاف اپيل جو حق آهي: وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد - 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪو آئيني مسئلو نه آهي، عدالتون ڪنهن عوامي نمائندي کي نااهل قرار نه ٿيون ڏئي سگهن، سپريم ڪورٽ پاران ٿيندڙ سزا جي خلاف اپيل جو حق آهي، اسپيڪر چيو ته عوام وٽ هليو ويندس، الزام ڪجهه آهي ۽ سزا ڪجهه ملي رهي آهي، قوم چاهي ٿي ته سڀني سان برابري جو سلوڪ ٿئي، مخالف ڌر صبر کان ڪم وٺي، مسلم ليگ (ن) لانگ مارچ ته ڇا پر  شارٽ مارچ به نه ٿي ڪري سگهي، عوام جو نمائندو آهيان مسلم ليگ (ن) جو نمائندو نه آهيان جو انهن جي چوڻ تي اسيمبلي ۾ اچان يا نه اچان. هو سومر ڏينهن هتي پاڪستان براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن ۾ ملٽي ميڊيا وڊيو اسٽوڊيو جي افتتاح ۽ ڪانٽريڪقيٌ ملازمن کي مستقل نوڪرين جا سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته قومي اسيمبلي جي ڪارروائي قانوني طريقي سان هلائڻ اسپيڪر جي ذميواري آهي. هن چيو ته اڳوڻي آمريڪي صدر بل ڪلنٽن تي به ڏنڊ پيو هو ڇا هن فرضن جي ادائيگي ڇڏي ڏني هئي، صدر آصف علي زرداري 8 سال جيل ۾ رهيو ۽ هو جيل مان ضمانت تي آزاد ٿيڻ تي ئي ٻاهر آيو، انساني حقن جا علمبردار به هتي موجود آهن ۽ لکڻ وارا به لکندا رهندا آهن، انساني حقن جي معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس ورتا ويندا آهن. وزيراعظم چيو ته هن نوڪريون ڏيڻ تي 5 سال قيد جي سزا ڪاٽي جيڪا جيل قاعدن موجب 10 سالن جڪي برابر آهي، هن ڪنهن مالياتي بدعنواني تي سزا ناهي ڪاٽي. وزيراعظم چيو ته سپريم ڪورٽ پاران 30 سيڪنڊ جي سزا ته گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ لکي ويندي ان سزا جو نااهلي سان ڪو تعلق نه آهي، پاڪستان ۾ ڪو اهڙو قانون نه آهي جنهن تحت عدليه ڪنهن عوامي نمائندي کي نااهل قرار ڏئي سگهي، اڃا ته سپريم ڪورٽ جو تفصيلي فيصلو به اچڻو آهي. وزيراعظم چيو ته معلوم نه آهي ته شريف ڪورٽن کي مون کي وزارت عظميٰ کان جدا ڪرڻ جي جلدي ڇو آهي، آئون عوام جو نمائندو آهيان، مسلم ليگ (ن) جو نمائندو نه آهيان جو ان جي چوڻ تي اسيمبلي ۾ اچان يا نه احاْن، پيپلزپارٽي جي منزل اقتدار نه عوام آهي. وزيراعظم چيو ته اڊياله جيل کان جده جو ڊگهو سفر عدليه جي ڪهڙي فيصلي تحت طئي ٿيو، ميان نواز شريف 9 سالن تائين سزايافته رهيو ۽ عوام کي چوندو رهيو ته مون ڪو معاهدو ناهي ڪيو جڏهن ان کي معاهدي جي نقل ڏيکاري وئي ته چيو ته مون کي 5 سالن جي سزا ٿي هئي 10 سال ڪنهن ڪيا، ميان نواز شريف کي ته اسان جا 9 سيڪنڊ به برداشت نه ٿيا. وزيراعظم چيو ته کيس سزا جي خلاف اپيل جو حق آهي جيڪڏهن اپيل رد ٿي وڃي ته پوءِ به اسپيڪر جو حڪم مڃنداسين، اسپيڪر چيو ته هو عوام وٽ هليو ويندو. وزيراعظم چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي واري ڏينهن به ملتان جي ضمني چونڊ پيپلزپارٽي کٽي. هن ڪو اخلاقي ڏوهه ناهي ڪيو ۽ بدعنواني تي سزا ناهي آئي، رڳو اهو ئي چوندو رهيو آهي ته آئين تحت فرض سرانجام ڏينداسين، ان کي فرضن جي ادائيگي جي حوالي سان اسثنيٰ حاصل آهي، ڪالهه جيڪڏهن چيف جسٽس يا فوج جو سربراهه ڪو قدم کڻي ته عدالتون ان کي به گهرائينديون؟ اسان هميشه عدليه جو احترام ڪيو آهي ۽ انهي احترام ۾ ٽي ڀيرا عدالت ويا آهيون جيتوڻيڪ  ٻين کي ته عدليه جو پهريون ڀيري وارو فيصلو به  ناگوار لڳو هو.

 
> PDF Print E-mail

ريڊيو پاڪستان جي ڏورانهن علائقن تائين ڄاڻ جو موثر ذريعو آهي، پيپلزپارٽي پنهنجي منشور تي 80 سيڪڙو عمل ڪري ڇڏيو آهي، نوڪريون ڏيڻ اسان جي منشور جو حصو آهي: وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد - 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ريڊيو پاڪستان جي ڏورانهن علائقن تائين ڄاڻ جو موثر ذريعو آهي، پيپلزپارٽي پنهنجي منشور تي 80 سيڪڙو عمل ڪري ڇڏيو آهي، نوڪريون ڏيڻ اسان جي منشور جو حصو آهي، نواز شريف دور ۾ ڪڍيل هزارين ملازمن کي بحال ڪيو ويو آهي، ڪو ٻيو صوبو سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪري نه ڪري اسلام آباد ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائينداسين. هو سومر ڏينهن هتي پاڪستان براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) هيڊڪوارٽرز ۾ ريڊيو پاڪستان جي ملٽي ميڊيا وڊيو اسٽوڊيو جي افتتاح ۽ ريڊيو پاڪستان جي 661 ڪانٽريڪٽي ملازمن کي مستقل ڪرڻ جا سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات جو وفاقي وزير قمر زمان ڪائره، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير مير چنگيز خان جمالي، ڪيپيٽل ايڊمنسٽريشن ۽ ڊولپمينٽ ڊويزن جو وفاقي وزير نذر محمد گوندل، قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ ڊائريڪٽر ريڊيو پاڪستان مرتضيٰ سولنگي پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته نوڪريون ڏيڻ پاڪستان پيپلزپارٽي جي منشور جو حصو آهي ۽ ڪنهن سياسي پارٽي جي مقبولت جو معيار دنيا ۾ طئي ٿيل آهي ۽ اهو معيار بيلٽ بڪس ۽ منشور تي عملدرآمد آهي، جيڪڏهن ڪا پارٽي پنهنجي منشور تي 40 سيڪڙو کان 50 سيڪڙو به عمل ڪري ته هو ڪامياب قرار ڏني ويندي آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي پنهنجا چار سال مڪمل ڪري ورتا آهن ۽ حڪومت پنجين سال ۾ داخل ٿي چڪي آهي، پنج سالن ۾ جيتريون به ضمني چونڊون ٿيون انهن ۾ 80 سيڪڙو پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ ان جون اتحادي پارٽيون ڪامياب ٿيون آهن ۽ پنهنجي منشور تي پڻ اسان 80 سيڪڙو عمل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڪانٽريڪقيٌ ملازمن کي مستقل ڪرڻ پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو ويزن هو جيڪو اڄ موجوده حڪومت پورو ڪري رهي آهي، اسان 1996ع ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ نواز شريف حڪومت پاران ڪڍيل هزارين ملازمن کي پڻ بحال ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ريڊيو پاڪستان کي 1972ع ۾ ڪارپوريشن جو درجو ڏنو هو ۽ سندس ريڊيو پاڪستان  جو اهو ٻيو دورو آهي، پهرين دوري دوران هن پاڻ خبرون پڙهي سرائيڪي نيوز بليٽن جو افتتاح ڪيو هو ۽ ماڻهو سمجهي ويا هوندا ته سندس ان قدم جو مقصد ڇا هو پر هتي ڪجهه حساس ماڻهو به آهن جيڪي ناپسند ڪن ٿا.  هن چيو ته ريڊيو پاڪستان جي ملڪ جي 80 سيڪڙو کان وڌيڪ علائقن تائين پهچ آهي ۽ هي ملڪ جي ڏورانهن علائقن تائين ڄاڻ جي فراهمي جو سڀ کان وڏو ذريعو آهي، ايترو وڏو نيٽ ورڪ ڪنهن ٻئي وٽ نه آهي، هنگامي حالتن، قدرتي آفتن ۽ جنگين دوران ريڊيو پاڪستان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي، زبانن جي واڌويجهه ۾ به ريديو پاڪستان جي ڪردار کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان مهدي حسن، ثريا ملتانيڪر، ثريا خانم ۽ ٻين فنڪارن کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏنا، اڄ ريڊيو پاڪستان کي هڪ مستقل اڪيڊمي جو درجو ڏنو ويو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ ئي هن ماضي جي ناليواري اداڪاره شبنم ۽ سندس مڙس روبن گهوش کي پڻ لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ڇو ته هنن پاڪستان جي فلمي صنعت جي ترقي لاءِ بي مثال ڪردار ادا ڪيو.

 
> PDF Print E-mail

وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني پاران پي بي سي هيڊڪوارٽرز ۾ ملٽي ميڊيا وڊيو اسٽوڊيو جو افتتاح، 661 ڪانٽريڪٽي ملازمن ۾ مستقل نوڪرين جا سرٽيفڪيٽ ورهايا

اسلام آباد - 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني سومر ڏينهن هتي پاڪستان براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) هيڊڪوارٽرز ۾ ملٽي ميڊيا وڊيو اسٽوڊيو جو افتتاح ڪيو ۽ 661 ڪانٽريڪٽي ملازمن ۾ مستقل نوڪرين جا سرٽيفڪيٽ ورهايا. ان سلسلي ۾ هڪ خصوصي تقريب پي بي سي هيڊڪوارٽرز ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير قمر زمان ڪائره، وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي سيڪريٽري تيمور عظمت عثمان ۽ ڊي جي ريڊيو پاڪستان مرتضيٰ سولنگي کانسواءِ ريڊيو پاڪستان جي ملازمن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. وزيراعظم سڀ کان پهرين ملٽي ميڊيا وڊيو اسٽوڊيو جو افتتاح ڪيو

 
More...
<< Start < Prev 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 Next > End >>

Results 1 - 9 of 2451

     

Budget 2014-2015
Federal Budget
Highlights 2014-2015
Punjab Budget
Sindh Budget
KPK Budget
Balochistan Budget
A.J.K Budget
Gilgit Baltistan Budget
Elections 2013
Elections 2013 News
Code of Conduct
Code of Conduct
Manifestos of Parties
Manifestos of Political Parties
Independence Day News
Independence Day News
Economic Survey
Economic Survey 2013-2014
Presidential address to the joint sitting of parliament
Presidential address to the joint sitting of parliament
Parlimentary Proceedings
National Assembly
Senate