Today is,

Wednesday, 22 May 2013

 

Home | About Us | News | User Login | Tender | Contact Us
Main Menu
Home
Photos at China Radio
News
Blog
Links
Search
Contacts
Seniority List
News Section
National
World
Sport
Business
Forex
Weather
Articles & Features
Sport News
Akhtar Rasool led team management to continue till World Cup
LAHORE, May 21 (APP): Pakistan Hockey Federation has decided to retain Akhtar Rasool led team management till next year’s World Cup adding few professionals in the team management staff to boost the performance of the team.
Read more...
 
Yousaf denies announcing retirement from international cricket
LAHORE, May 21 (APP): Veteran test cricketer ,Muhammad Yousaf has denied retirement from international cricket and said despite not  being involved in any form of cricket in recent years he has no plans to call it a day.
Read more...
 
PKF to organize talent hunt programme
LAHORE, May 21 (APP): Pakistan Judo Federation will organize the third talent hunt programme, both for men and women, from June 2-4 at Qayyum stadium peshawar.
Read more...
 
Adaptability to conditions key in Pakistan success in Champions Trophy
KARACHI, May 21 (APP): Former skipper Aamer Sohail firmly believes that Pakistan’s chances in the Champions Trophy depend on their adoptability to the conditions. “Conditions would play a very important role in Pakistan’s chances for this premier 8-nation contest,” Aamer Sohail told APP in an interview on Tuesday.
Read more...
 
Tauqir Zia demands ad hoc arrangements in PCB
KARACHI, May 21 (APP): Former Chairman of Pakistan Cricket Board (PCB) Lt. Gen (Retd) Tauqir Zia has demanded ad hoc arrangements in the present set-up of the board. When the incumbent management of the PCB is celebrating the democratic transition a few former, current players and administrators casting doubts on the mechanism adopted by the PCB for the elections held in Islamabad on May 8 three-day before the General Elections in the country. 
Read more...
 
Archive
Latest News
Public transport to get CNG; decision to enforce from May 25: Spokes... - Imran Khan to be shifted home tomorrow (Wednesday) - Shahbaz urges to accept election results - ISA facing grave problems due to choked sewerage pipeline - No CNG for above 1000cc private vehicles: PM - Election tribunal to adress complains of irregularities: Chairman NA...
> PDF Print E-mail

قوم ڏسي پئي ته سندن قسمت جا فيصلا عوام جا چونڊيل نمائندا ۽ پارليامينٽ ڪري رهي آهي، پهريون ڀيرو پرڏيهي پاليسي عوام جي خواهشن جي ترجماني ڪندي، حڪومتي فيصلن جو عڪس پارليامينٽ جي اندر نظر اچي رهيو آهي: وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد - 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اڄ قوم پاڻ ڏسي رهي آهي ته سندن قسمت جا فيصلا عوام جا چونڊيل نمائندا ۽ پارليامينٽ ڪري رهي آهي، هي پهريون موقعو آهي جو پرڏيهي پاليسي عوام جي خواهشن جي ترجماني ڪندي، پارلياماني ڪميٽي جون سفارشون هڪ متفقه دستاويز هو ۽ اسان چاهيون ٿا ته ان تي گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪيل قرارداد پڻ متفقه طور تي منظور ٿئي، چين پاڪستان جو گهرو دوست آهي، چين جي دوري دوران بائو فورم ۾ پاڪستان جي معيشت تي ڳالهه ٿيندي، پنجاب جي وڏي وزير پاران توانائي ڪانفرنس جي ميزباني جي آڇ مثبت ۽ سٺوسنئوڻ آهي، پارليامينٽ عوام جي خواهشن ۽ امنگن جي ترجماني ڪري ٿي، حڪومتي فيصلن جو عڪس پارليامينٽ جي اندر نظر اچي رهيو آهي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن چين ۾ بائو فورم ۾ شرڪت لاءِ رواني ٿيڻ کان اڳ چڪلاله ايئربيس تي صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته بائو فورم ايشيا جو اهم اقتصادي فورم آهي ان ۾ شرڪت دوران جتي مختلف ڪمپنين جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرن سان ملاقات ٿيندي اتي اهم اڳواڻن سان پڻ ڳالهيون ٿينديون. بائو فورم مختلف اڳواڻن سان ملاقات جو اهم موقعو ثابت ٿيندو. هن چيو ته مختلف ڪمپنين جي سربراهه مسٽر لي سان پڻ ملاقات ٿيندي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته بائو فورم هڪ اقتصادي فورم آهي، ان لاءِ هتي ڳالهه ٻولهه جي بنياد معيشت هوندي. 9 اپريل تي طلب ڪيل توانائي ڪانفرنس جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته توانائي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ لاءِ پنهنجي عملي کي هدايت ڪئي آهي ته هو صوبائي وڏن وزيرن سان رابطي ۾ رهي، پنجاب ۾ توانائي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو مقصد واپاري برادري طرفان ٿيندڙ احتجاج تي کين اعتماد ۾ وٺڻ آهي. هن چيو ته توانائي جو بحران ڪنهن خاص علائقي يا صوبي جو نه پر پوري ملڪ جو مسئلو آهي ۽ ان جي حل لاءِ توانائي ڪانفرنس ۾ سموريون ڌريون شرڪت ڪنديون. اها قومي مفاد جي ڪانفرنس آهي. هن چيو ته پنجاب جي وڏي وزير پاران توانائي ڪانفرنس جي ميزباني جي آڇ مثبت ۽ سٺوسنئوڻ آهي. قومي سلامتي ڪميٽي جي سفارشن تي پارليامينٽ ۾ بحث جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته پارليامينٽ عوام جي خواهشن ۽ امنگن جي ترجماني ڪري ٿي. عوام جي ترجماني جو عڪس ان وقت پارليامينٽ ۾ نظر اچي رهيو هو،

 
> PDF Print E-mail

صدر آصف علي زرداري پاران آزاد ڪشمير جي چيف سيڪريٽري جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد - 31 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آزاد ڪشمير جي چيف سيڪريٽري ارباب شهزاد خان جي ڀاءُ ارباب دوست محمد خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڇنڇر ڏينهن جاري ڪيل تعزيتي پيغام ۾ صدر مرحوم ارباب دوست محمد جي مغفرت لاءِ ۽ پونئيرن لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.

 
> PDF Print E-mail

وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني پاران ارباب دوست محمد خان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

اسلام آباد - 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ارباب دوست محمد خان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن جاري ڪيل تعزيتي پيغام ۾ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ارباب دوست محمد خان مرحوم لاءِ مغفرت جي دعا ۽ پونئيرن لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي آهي

 
> PDF Print E-mail

وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني بائو فورم ۾ شرڪت لاءِ چين جي شهر باؤ پهچي ويو

باؤ) چين) - 31  مارچ (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني بائو فورم ۾ شرڪت لاءِ چين جي شهر باؤ پهچي ويو آهي، هو ايشيا سالياني ڪانفرنس 2012ع ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو، ڪالهه ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جڏهن سانيا فونڪس انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهتو ته سانيا جي ميئر وانگ ينگ سندس آجيان ڪئي، وزيراعظم سان گڏ اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، پاڻي ۽ بجلي وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ ناڻي وارو وزير عبدالحفيظ شيخ به آهي، پنهنجي ٽن ڏينهن جي دوري دوران وزيراعظم 2 اپريل تي فورم جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندو، ڪانفرنس جو موضوع "تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ ايشياءَ پائيدار ۽ مستحڪم ترقي جي راهه تي" آهي

 
> PDF Print E-mail

سينيٽ چيئرمين سيد نيئر حسين بخاري جي قيادت ۾ پارلياماني وفد يوگنڊا  پارلياماني يونين جي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ روانو

اسلام آباد - 31  مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد نيئر حسين بخاري جي قيادت ۾ پارلياماني وفد يوگنڊا روانو ٿي ويو جتي هو 31 مارچ کان 6 اپريل تائين جاري 126 هين پارلياماني يونين (آءِ پي يو) اسيمبلي ۾ شرڪت ڪندو، پاڪستاني وفد سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن تي ٻڌل آهي جيڪو سياسي، اقتصادي ۽ سماجي مسئلن جي حوالي سان ٿيندڙ بحث مباحثن ۾ متحرڪ ۽ ڀرپور حصو وٺندو، سينيٽ چيئرمين سيد نيئر حسين بخاري آءِ پي يو اسيمبلي کي خطاب ڪندو ۽ شرڪت ڪندڙن کي ايجنڊا جي نڪتن جي باري ۾ آگاهه ڪندو، ان کانسواءِ پينل ڊسڪشن ۾ ننڍن ٻارڙن جي مسئلن، ايڊز جي روڪٿام لاءِ قانونسازي ڪرڻ، ان جي مڪمل روڪٿام ۽ امتيازي سلوڪ جي خاتمي لاءِ پارلياماني ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي، ان کانسواءِ اسرائيل پاران 1967ع ۾ گولان جي جبلن تي قبضو ڪرڻ، گڏيل قومن جي ڪوششن ۾ بين الاپارلياماني تعاون وڌائڻ، عرب ليگ، خليج تعاون ڪائونسل ۽ عالمي قانونن جي احترام تي ٻڌل قدمن ۽ انساني حقن جي عالمي قانونن، شام جي صورتحال، علائقائي تعاون جي فروغ لاءِ پارلياماني ڪردار ۽ تشدد جي خاتمي لاءِ عالمي ڪوششن ۽ شام ۾ ماڻهن جو قتل عام روڪرائڻ لاءِ عرب ليگ منصوبي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ تعاون ڪرڻ جهڙن قدمن کي به ايجنڊا ۾ هنگامي طور تي شامل ڪيو ويو آهي

 
<< Start < Prev 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 Next > End >>

Results 1 - 9 of 2823
Elections 2013 News
Elections 2013 News
Code of Conduct
Code of Conduct
Manifestos of Parties
Manifestos of Political Parties
Independence Day News
Independence Day News
Economic Survey
Economic Survey 2011-2012
Economic Survey 2010-2011
Economic Survey 2009-2010
Presidential address to the joint sitting of parliament
Presidential address to the joint sitting of parliament
Day of Democracy
Day of Democracy News
Parlimentary Proceedings
National Assembly
Senate
Ordinances