وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني سان اين اي آر سي جي ڊائريڪٽر جنرل جي ملاقات
اسلام آباد - 31 مئي (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني سان قومي زرعي تحقيق ڪائونسل (اين اي آر سي) جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر افتخار احمد ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ کيس ملڪ جي 45 ضلعن ۾ غذائي تحفظ بابت زيرو هنگر پروگرام تي عملدرآمد لاءِ ٿيندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته وزيراعظم غريب ترين ماڻهن کي غذائي تحفظ جي فراهمي لاءِ گذريل سال ان پروگرام جو اعلان ڪيو هو. ڊاڪٽر افتخار وزيراعظم کي ٻڌايو ته پي اي آر سي جي تحت ڪم ڪندڙ ٻه فيڪٽريون پرڏيهي ملڪ ۾ قائم صارف تنظيمن جي ضرورتن موجب برآمد جي لائق غذائي شين جي سند جي توثيق جاري ڪري رهيون آهن.
وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني سان ايرا جي ڊپٽي چيئرمين ميجر جنرل محمد عظيم آصف جي ملاقات، وزيراعظم پاران ايرا جي سرگرمين جي لاءِ مدد جاري رکڻ جي خاطري
اسلام آباد - 31 مئي (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني سان ايرا جي ڊپٽي چيئرمين ميجر جنرل محمد عظيم آصف ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم ايرا جي سرگرمين جي لاءِ مدد جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي جنهن سان زلزلي سٽيل علائقن ۾ معمول جي زندگي بحال ٿي رهي آهي، وزيراعظم ڊپٽي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته هو زلزلي سٽيل علائقن ۾ ماڻهن جي بحالي لاءِ جاري منصوبن ۽ آئنده شروع ٿيندڙ منصوبن جي باري ۾ جلد کين تفصيلي بريفنگ ڏين. ان موقعي تي نئين ڊپٽي چيئرمين چيو ته موجوده حڪومت جي مدي دوران ايرا 12 شعبن ۾ 13 هزار مان 8 هزار کان وڌيڪ منصوبا مڪمل ڪيا آهن، جن ۾ آزاد ڪشمير ۽ خيبرپختونخواهه جي زلزلي متاثر علائقن ۾ 6 لک زلزلي کان محفوظ گهرن جي تعمير شامل آهي. هن چيو ته زلزلي کانپوءِ تعميرات جي شعبي ۾ ايرا جي ماڊلز کي اختيار ڪيو ويو آهي. ايرا 200 کان وڌيڪ عالمي ترقياتي حصيدارن سان گڏ ڪم ڪيو ۽ تعمير ۽ بحالي جي شعبي ۾ انهن جو اعتماد حاصل ڪيو.
وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني برازيل جي ايندڙ دوري دوران پاڪستان ۽ برازيل جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي سرگرمين جي فروغ ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪندو
اسلام آباد - 31 مئي (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني برازيل جي ايندڙ دوري دوران پاڪستان ۽ برازيل جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي سرگرمين جي فروغ ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪندو. وزيراعظم جون جي ٻئي هفتي ۾ ريوڊي جينرو جو دورو ڪندو. برازيل جي سفير الفريڊو ليوني افغان پناهگيرن جي واپسي ۾ مدد جي لاءِ پاڪستان کي اڍائي لک ڊالرن جو عطيو ڏيڻ کانپوءِ هتي برازيلي سفارتخاني ۾ صحافين سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته وزيراعظم گيلاني گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ پائيدار ترقي جي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ برازيل جو دورو ڪندو. تنهن هوندي به سندس دوري دوران پاڪستان ۽ برازيل جي قيادت جي وچ ۾ ٻطرفيون ڳالهيون به ٿينديون. هن چيو ته وزيراعظم جي دوري دوران جن معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ٿينديون، انهن جو تعلق زراعت، صحت ۽ تعليمي شعبن ۾ فني تعاون، ڪمند جي پيداوار، راندين، غربت جي خاتمي ۽ پاڪستاني واپاري برادري سميت شهرين جي لاءِ آسان ويزا جي فراهمي جي لاءِ تعاون سان آهي. برازيل جي سفير چيو ته گذريل 9 سالن ۾ پاڪستان سان برازيل جي لاءِ روانگي واپار ۾ ٻيڻ تي اضافو ٿيو آهي، جيڪو 39 ملين ڊالرن مان وڌي 80 ملين ڊالر ٿي ويو آهي، جنهن ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان آهي. هن چيو ته ٻطرفو واپاري ماپو 260 ملين ڊالر آهي.
پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت قومي مفادن تي سوديبازي نه ڪندي، اسان قوم جي وقار ۽ عزت خاطر پنهنجون جانيون قربان ڪري سگهون ٿا، بجيٽ سيشن ۾ مثبت بحث ٿيڻ گهرجي: وفاقي وزير قمر زمان ڪائره
اسلام آباد - 31 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير قمر زمان ڪائره چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت قومي مفادن تي سوديبازي نه ڪندي، اسان قوم جي وقار ۽ عزت خاطر پنهنجون جانيون قربان ڪري سگهون ٿا. ڪالهه خميس ڏينهن هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته صدر آصف علي زرداري شڪاگو ۾ پارليامينٽ جي وقار ۽ ان جي قراردادن جي حوالي سان قوم جي موقف کي موثر انداز ۾ پيش ڪيو، جيڪڏهن ان فورم تي پاڪستان جي نمائندگي نه هجي ها ته اتي پاڪستان جي خلاف ڳالهيون ڪيون وڃن ها ته ڇا پاڪستان جي ان ۾ ڀلائي هئي. هن چيو ته اسان ميڊيا تي پابنديون هڻڻ جو ڪو به ارادو نه ٿا رکون. اسان پابنديون هٽائڻ وارن مان آهيون، تنهن هوندي به ملڪي قدر، روايتن ۽ ڪلچر جي ابتڙ پروگرام نشر ڪندڙن کي روڪڻ گهرجي.