|
وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت ۾ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو
اجلاس، باقيدار صوبائي حڪومتن ۽ سرڪاري ادارن کان رهتن جي سرگرمي سان اوڳاڙي ڪرڻ
جو فيصلو
اسلام آباد - 30 مارچ (اي
پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو
اجلاس ڪالهه جمعي ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو، جنهن ۾ ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار وڌائڻ
لاءِ کنيل قدمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايتن تي
بجلي گهرن کي گهربل قدرتي گئس جي فراهمي لاءِ انتظام ڪيا پيا وڃن ۽ نظام چار کان
پنج ڏينهن ۾ مڪمل طور تي فعال ٿي ويندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته توانائي ڪميٽي جي
ٽيڪنيڪل ذيلي ڪميٽي جو اجلاس فوري طور تي گهرايو وڃي ته جيئن ايل اين جي ۽ ايل پي
جي جي درآمد جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪري سگهجي ۽ ڪابينا جي فيصلي تي ڪيل
عملدارآمد بابت رپورٽ پيش ڪئي وڃي.
|
|
|
ستين عالمي دفاعي نمائش ۽
سيمينار آئيڊياز 2012ع شروع، وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني نمائش جو افتتاح ڪيو
اسلام آباد - 30 مارچ (اي
پي پي) ستين عالمي دفاعي نمائش ۽ سيمينار آئيڊياز 2012ع جمعي ڏينهن پاڪستان نيشنل
ڪائونسل آف آرٽس ۾ شروع ٿي. وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني نمائش جو باضابطا افتتاح
ڪيو جنهن جو مقصد نمائش ڪندڙن پاران پنهنجي دفاعي ساز و سامان جي آپريشنل صلاحيتن
کان آگاهه ڪرڻ آهي. دفاع واري وفاقي وزير چوڌري احمد مختار، اطلاعات ۽ نشريات جي
وفاقي وزير ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جنرل
خالد شميم وائين، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل اشفاق پرويز ڪياني، چيف آف ايئر اسٽاف
ايئر چيف مارشل طاهر رفيق بٽ، سفارتڪارن ۽ اعليٰ فوجي ۽ سول عملدار پڻ ان موقعي تي
موجود هئا. ڊفينس ايڪسپورٽ پروموشن آرگنائيزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل طاهر
اشرف خان مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪندي چيو ته پهرين دفاعي نمائش 2000ع ۾ ڪراچي ۾ منعقد
ٿي هئي ۽ آئيڊياز 2008ع ۾ 59 ملڪن جي نمائش ڪندڙن دفاعي وفدن ۽ واپارين شرڪت ڪئي
هئي.
|
|
|
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي ائٽمي پروگرام جي شروعات ڪئي، قوم کي
متفقه آئين ۽ عوام کي بااختيار بڻايو، شريف ڀائرن جي قول ۽ فعل ۾ تضاد آهي: ڊاڪٽر
فردوس عاشق اعواڻ
اسلام آباد - 30 مارچ (اي
پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته شهيد
ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي ائٽمي پروگرام جي شروعات ڪئي، قوم کي متفقه آئين ۽
عوام کي بااختيار بڻايو. ڪالهه پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي
ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته 4 اپريل تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسيءَ هجڻ جي
ڪري پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ان جي لاءِ 5 اپريل تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. هن چيو
ته پارليامينٽ هڪ تاريخ لکڻ وڃي رهي آهي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان
جي ائٽمي پروگرام جو خالق آهي. هن قوم کي متفقه آئين ڏنو ۽ عوام کي بااختيار
بڻايو.
|
|
|
وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي سيول جي دوري کانپوءِ پارليامينٽ جي گڏيل
اجلاس ۾ شرڪت
اسلام آباد - 30 مارچ (اي
پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني سيول جي دوري کانپوءِ جمعي ڏينهن پارليامينٽ
جي ٻنهي ايوانن جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان دوران مختلف ميمبرن ساڻس ملاقات ڪئي.
|
|
|
پارليامينٽ ۾ پرڏيهي پاليسي تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،
چوڌري نثار جي گذريل ڏينهن اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ خوش آئنده آهي، جيترا به وزيراعظم آيا
سڀني تي الزام لڳندا رهيا پر ڪير ثابت نه ڪري سگهيو: وفاقي وزير ڊاڪٽر فردوس عاشق
اعواڻ
اسلام آباد - 30 مارچ (اي
پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته
پارليامينٽ ۾ پرڏيهي پاليسي تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، چوڌري
نثار جي گذريل ڏينهن اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ خوش آئنده آهي، جيترا به وزيراعظم آيا سڀني
تي الزام لڳندا رهيا پر ڪير ثابت نه ڪري سگهيو، موسيٰ گيلاني پنهنجي وڪيلن سان
مشوري کانپوءِ پنهنجو لائحه عمل ٻڌائيندو. ڪالهه جمعي ڏينهن پارليامينٽ هائوس
ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته موسيٰ گيلاني تي جيڪي
الزام لڳايا ويا آهن اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي، موسيٰ گيلاني پنهنجي وڪيلن سان
مشوري کانپوءِ لائحه عمل جوڙيندو. هن چيو ته وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني تي
الزام نئين ڳالهه نه آهي، جيترا به وزيراعظم آيا آهن انهن سڀني تي الزام لڳندا
رهيا آهن موجوده وزيراعظم کي به الزامن جي حوالي سان ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي.
|
|
|
|
<< Start < Prev 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 Next > End >>
|
| Results 64 - 72 of 2823 |