چونڊن جي حوالي سان جيئن اتحادي چوندا تيئن ڪنداسين، هاڻي صدر وٽ اسيمبلي ٽوڙڻ جو اختيار نه آهي ۽ آئون پنهنجي اسيمبلي نه ٽوڙيندس، سيٽ ايڊجسٽمينٽ جي حوالي سان چونڊن کان اڳ اتحادين سان مشورو ڪنداسين، ايندڙ بجيٽ ٽيڪس فري هوندي ۽ بجيٽ ۾ وڏي مقدار ۾ نوڪريون فراهم ڪيون وينديون، ڪراچي جو معاملو ڳنڀير آهي، حالتون بهتر ڪرڻ جي لاءِ جلد ڪراچي جو دورو ڪندس، بلدياتي چونڊون نه ٿيڻ سان مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن: وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جون پرائيم منسٽر آن لائين پروگرام ۾ ڳالهيون
اسلام آباد - 30 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته چونڊن جي حوالي سان جيئن اتحادي چوندا تيئن ڪنداسين، هاڻي صدر وٽ اسيمبلي ٽوڙڻ جو اختيار نه آهي ۽ آئون پنهنجي اسيمبلي نه ٽوڙيندس، سيٽ ايڊجسٽمينٽ جي حوالي سان چونڊن کان اڳ اتحادين سان مشورو ڪنداسين، ايندڙ بجيٽ ٽيڪس فري هوندي ۽ بجيٽ ۾ وڏي مقدار ۾ نوڪريون فراهم ڪيون وينديون، ڪراچي جو معاملو ڳنڀير آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ڪالهه پرائيم منسٽر آن لائين پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ايندڙ بجيٽ ٽيڪس فري هوندي ۽ ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳايو ويندو. هن چيو ته نئين بجيٽ ۾ وڌ کان وڌ ملازمتن جا موقعا ڏنا ويندا، ڪراچي جي صورتحال جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته ڪراچي جو مسئلو ڳنڀير آهي ۽ سنڌ حڪومت کي امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ جي لاءِ هدايت ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته اهو ڪنهن ٽن پارٽين جو نه پر اسان سڀني جو مسئلو آهي ۽ ذميواري ٿئي ٿي ته اسان ان مسئلي کي حل ڪريون. وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزير اخباري پورهيتن کي پگهار ڏيڻ جي حوالي سان قدم کڻي، هن چيو ته پورهيتن جي پگهارن جو مسئلو حل ٿي ويندو. وزيراعظم چيو ته توانائي بحران پيدا ڪرڻ جا ذميوار اهي آهن جن آءِ پي پيز جي خلاف واويلا ڪئي ۽ انهن کي ناڪام بڻايو. وزيراعظم چيو ته اسان ٻاهرين ملڪن کان بجلي آڻينداسين ۽ ڏکڻ ڪوريا جي دوري دوران به مون توانائي ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ڳالهيون ڪيون آهن. وزيراعظم چيو ته گئس جي گهٽتائي به بجلي جي کوٽ جو وڏو ذريعو آهي. وزيراعظم چيو ته ڪابينا ۾ ڦيرڦار معمول جو معاملو آهي. هن چيو ته مون ڪيترائي اهم اعلان ڪيا پر انهن مان صرف هڪ ٻن کي وٺي ڍنڍورو پٽيو پيو وڃي. هن چيو ته خرم رسول منهنجو ايڊوائيزر نه هو پر هو پاڪستان ٽيليويزن جو ڪنسلٽنٽ هو ۽ سندس خلاف ڪارروائي به منهنجي حڪم تي ٿي. هن چيو ته منهنجي پٽ تي الزام هڻندڙ مسلم ليگ (ن) جي ميمبر خلاف غلط بياني جو ڪيس داخل ڪرايو آهي. هن چيو ته بلدياتي چونڊون نه ٿيڻ سان مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۾ مشڪلاتون اچي رهيون آهن. هن چيو ته ڪراچي مسئلو ڳنڀير آهي، سنڌ حڪومت کي اهو حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته امن امان هڪ ٻن پارٽين جو نه پر اسان سڀني جي ذميواري آهي. اي پي پي جي رپورٽ موجب هن چيو ته شهيد راڻيءَ جڏهن آءِ پي پيز آندي ته ان جي خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ هينئر توانائي جي بحران جا اهي ذميوار آهن، جن آءِ پي پيز کي ناڪام بڻايو. وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته صدر اوباما سان ملاقات دوران هن چيو ته اسان کي توهان جي خودمختياري جو احترام آهي پر اسان جي خدشن کي به نظر ۾ رکيو وڃي ۽ پارليامينٽ جي سوچ برابري جي سطح تي هجڻ گهرجي. هن چيو ته آمريڪا جي اها سوچ آهي ته فاٽا ۾ دهشتگرد رهيل آهن، جيڪي ازبڪ، چيچن ۽ ٻيا پرڏيهي آهن ۽ اهي آمريڪا کي نقصان پهچائڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن.
پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران نامياري ليکڪ بشير رياض کي خراج تحسين پيش، بينظير يادون جو ليکڪ بشير رياض جمهوريت جي لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪندڙ شخصيت آهي، هن ڀٽو خاندان ۽ پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن تي ٿيندڙ ظلمن کي بي نقاب ڪيو: بلاول ڀٽو زرداري
اسلام آباد - 30 مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نامياري ليکڪ بشير رياض کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته هو جمهوريت جي لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪندڙ شخصيت آهي، جنهن ڀٽو خاندان ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن تي ٿيندڙ ظلمن کي بي نقاب ڪيو. "بينظير يادون" جي ليکڪ بشير رياض کي خراج تحسين پيش ڪندي هن پنهنجي خصوصي تحرير ۾ بشير رياض کي ڀٽو خاندان جي هلندڙ ڦرندڙ تاريخ قرار ڏنو آهي. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي تعارف ۾ خوشي سان بشير رياض کي "منهنجو انڪل بيش" چيو آهي جيڪو پاڪستان جي محروم ۽ نظرانداز ٿيندڙ عوام کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ تقريبن 5 ڏهاڪن تي ٻڌل پاڪستان پيپلزپارٽي جي مشڪل جدوجهد جو شاهد آهي. هن چيو ته انڪل بشير رياض منهنجي نانا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏ هو، جڏهن هو 1967ع ۾ پرڏيهي وزير هو ۽ جڏهن 1967ع ۾ هن پاڪستان پيپلزپارٽي جوڙي هو ان وقت به اتي موجود هو، جڏهن منهنجي نانا جي عدالتي قتل کانپوءِ منهنجي ناني ۽ والده سياسي ميدان ۾ جنگ وڙهي رهيون هيون ۽ کين جنرل ضياءَ جي بدترين آمريت جي دور کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو ۽ منهنجي ڄمڻ وقت به هو اسان جي خاندان جي خوشين ۾ شريڪ هو، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته منهنجي شهيد والده هڪ ڀيرو بشير رياض کي پنهنجو پاڇو قرار ڏنو هو. حقيقت ۾ هو اهڙو ئي آهي. هر وقت ساڻس گڏ هر مشڪل ۽ هر خوشي ۾، چاهي حالتون ڪيتريون ئي آزمائشي ڇو نه هجن ۽ کيس انهن جو ڪهڙو به نتيجو ڀوڳڻو پوي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سندس امڙ بشير رياض جي عزم، وابستگي، محبت ۽ خلوص جي بنياد تي سندس وڏو احترام ڪندي هئي. "هر مشڪل ۽ خوشي جي وقت ۾ انڪل بيش هر وقت سندس مدد ۽ حمايت ۾ اڳ کان اڳرو هوندو هو." هن چيو ته هو (محترمه شهيد) جي ترجمان طور تي هڪ ستاري وانگر رهيو ڇو ته سندس ملڪي ۽ غيرملڪي ميڊيا سان رابطا هوندا هئا ۽ هو (شهيد محترمه) مٿس ڀروسو ڪندي هئي، "نه رڳو اهو پر هن (محترمه شهيد) جون اکيون ۽ ڪن بڻجي فعال ۽ وفاداري سان خدمتون انجام ڏنيون."
پاڪستان ۽ اٽلي جي ويجها دوستاڻا لاڳاپا آهن، اٽلي جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري سان روزگار جا موقعا وڌڻ ۽ غربت جي خاتمي ۾ مدد ملندي: وفاقي وزير ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ
اسلام آباد - 30 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان ۽ اٽلي جي ويجها دوستاڻا لاڳاپا آهن، اٽلي جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري سان روزگار جا موقعا وڌڻ ۽ غربت جي خاتمي ۾ مدد ملندي. ڪالهه جمعي ڏينهن اٽلي پاڪستان بزنس فورم جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۽ اٽلي جا ويجها دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ اٽلي پاڪستان جو هڪ وڏو واپاري ڀائيوار آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اٽلي ۾ اٽڪل هڪ لک کان وڌيڪ پاڪستاني رهندڙ آهن، جيڪي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اٽلي جي سيڙپڪاري سان نوڪرين جا موقعا وڌندا ۽ غربت جي خاتمي ۾ مدد ملندي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي ۽ سماجي ترقي جي شعبي ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي تمام گهڻي گنجائش آهي. پاڪستان افغانستان وچ ايشيائي ۽ نار ملڪن سان واپار لاءِ هڪ گيٽ وي جي حيثيت رکي ٿو. صدر آصف علي زرداري جي اٽلي جي دوري جي موقعي تي اٽلي پاڪستان کي هڪ ڪروڙ ڊالر جو قرض ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو.
وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني بائو فورم جي موقعي تي چين جي نائب وزيراعظم، ايران جي نائب صدر، قزاخستان جي وزيراعظم ۽ اٽلي جي وزيراعظم سان ملاقات ڪندو
اسلام آباد / بيجنگ - 30 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ساليانو ايشيا بابت بائو فورم ۾ شرڪت لاءِ اڄ ڇنڇر ڏينهن چين روانو ٿيندو. وزيراعظم فورم جي افتتاحي ويهڪ کي خطاب ڪندو ۽ هلندڙ سال بائو فورم جو موضوع "تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ شين، مضبوط ۽ پائيدار ترقي طرف اڳڀرائي" آهي. وزيراعظم بائو فورم جي موقعي تي چين جي چيف ايگزيڪيوٽو نائب وزيراعظم لي ڪيانگ سان ملاقات ڪندو ۽ اقتصاديات، توانائي، انفراسٽرڪچر، دفاع ۽ تعليم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. اٽلي جي وزيراعظم ماريو مونٽي سان ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، واپار، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي ۽ قزاخستان جي وزيراعظم ڪريم ميسي موف سان ملاقات ۾ گذريل سال وزيراعظم جي دوري دوران ٿيندڙ فيصلن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ۾ توانائي جي شعبي، تاجڪستان، افغانستان، پاڪستان ۽ ڀارت گئس پائيپ لائين منصوبو (تاپي)، زراعت، ايوي ايشن ۽ دفاع جي شعبن تي ڌيان ڏيڻ جو امڪان آهي. وزيراعظم چين جي مالياتي سيڙپڪار توانائي جي شعبن سان لاڳاپيل ادارن جي سربراهن ۽ چيئرمينن سان به ملاقات ڪندو ۽ کين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان ٻڌائيندو.