Today is,

Friday, 25 April 2014

 

Home | About Us | News | User Login | Jobs | Contact Us | Tender Notices
Untitled Document
Main Menu
Home
News
Blog
Links
Search
Contacts
Seniority List
News Section
National
World
Sport
Business
Forex
Weather
Articles & Features
Sport News
Sharjeel stuns World Champion Asif in KC Challenge Snooker
KARACHI, Apr 23 (APP): Sharjeel Mehmood stunned former World Champion Muhammad Asif 4-1 to chalk out his third victory on the third day of 18th Karachi Club Open Challenge Snooker Tournament at KC’s Amir Bakhsh Billiards Hall on Wednesday.
 
A unique feat at KBA Bridge
KARACHI, Apr 23 (APP): A Dead Heat of three bridge players-Shakeel Chandna, Pak Day International Pairs Bridge winner, Shahab Khan and enthusiast Muhammad Rafique, all of them finished on top with a handsome score of 59.38 percent, Karachi Bridge Association (KBA) announced on Wednesday.
 
Three matches decided in Nishan-e-Haider hockey Tournament
LAHORE, Apr 23 (APP): Pakistan Railways, Wapda and National Bank of Pakistan marched ahead in the Ninth Nishan-e-Haider Hockey Tournament after winning their respective matches on Wednesday at the Mutiullah hockey stadium Bahawalpur.
 
Sherwani, Jan optimistic about hockey revival
KARACHI, Apr 23 (APP): Former Olympian Salim Sherwani and international Jan Muhammad are optimistic about the revival of Pakistan hockey despite a bleak scenario.
 
Zaheer Abbas named principal advisor to Chairman PCB
LAHORE, Apr 21 (APP): Pakistan Cricket Board has appointed, former test cricketer, Zaheer Abbas as the Principle Advisor to PCB Chairman and Moin Khan as Chief Selector and Manager of National Cricket Team.
 
Archive
Latest News
Japan delegate calls on CM Balochistan - CM felicitates Dr. Haider Ali on winning Swat by-polls - Qaim directs SIDA to imrpove working - Bukhari for Pak-Russia collaboration through people to people contac... - Nayyar Hussain Bukhari for closer Pak-Russia ties - Money collected under EDF should be used to support commercially via...
> PDF Print E-mail

صدر آصف علي زرداري جو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي پنجون ڀيرو خطاب ملڪي تاريخ جو اهم ۽ تاريخي باب هوندو، حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي، موجوده حڪومت نعرن بدران عملي قدمن تي يقين رکي ٿي: وفاقي وزير ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد - 15  مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري جو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي پنجون ڀيرو خطاب ملڪي تاريخ جو اهم ۽ تاريخي باب هوندو، حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي، موجوده حڪومت نعرن بدران عملي قدمن تي يقين رکي ٿي، عوام جا بنيادي مسئلا ڪا به هڪ پارٽي اڪيلو حل ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه آهي. هو ڪالهه خميس ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائي رهي هئي. اطلاعات واري وزير چيو ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي ۽ ان سان ملڪ ۾ جمهوري ادارا مضبوط ٿيندا. صدر آصف علي زرداري جو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي پنجون خطاب ملڪي تاريخ جو اهم باب هوندو. اطلاعات واري وزير چيو ته پيپلزپارٽي جي اتحادي حڪومت سمورن قومي مسئلن تي سدائين قومي قيادت کي اعتماد ۾ ورتو آهي. حڪومت کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اهو سلسلو آئنده به جاري رکندي. هن چيو ته پيپلزپارٽي ملڪ ۾ گڏيل بقاءَ، برداشت ۽ ٻين جي راءِ جي احترام جي ڪلچر کي هٿي وٺرائي آهي.

 
> PDF Print E-mail

پيپلزپارٽي ميڊيا ۽ اظهار راءِ جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪندڙ پارٽي آهي ۽ ان تي مڪمل يقين رکي ٿي، جمهوري حڪومت ميڊيا جي آزادي کي هٿي وٺرائي آهي ۽ هو قطعي طور تي ميڊيا تي ڪو ضابطه اخلاق مڙهڻ جو ارادو نه ٿي رکي: وفاقي وزير ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد - 15  مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پيپلزپارٽي ميڊيا ۽ اظهار راءِ جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪندڙ پارٽي آهي ۽ ان تي مڪمل يقين رکي ٿي، جمهوري حڪومت ميڊيا جي آزادي کي هٿي وٺرائي آهي ۽ هو قطعي طور تي ميڊيا تي ڪو ضابطه اخلاق مڙهڻ جو ارادو نه ٿي رکي، تنهن هوندي به اسان اميد ڪريون ٿا ته ميڊيا، سول سوسائٽي سميت ٻين ڌرين جي مشاورت سان تيار ٿيندڙ ضابطي کي پاڻ جي لاءِ سيلف ريگيوليشن طور تي اختيار ڪندي ته جيئن نه رڳو ميڊيا جي پنهنجي آزادي وڌيڪ فروغ حاصل ڪري پر معاشرتي قدر ۽ قومي مفادن جو به تحفظ يقيني ٿئي. هو بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي ۾ ڪالهه خميس ڏينهن منعقد ٿيل سيمينار کي خصوصي مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪري رهي هئي. آفتن سبب ٿيندڙ تباهي جي صورتحال ۾ رپورٽنگ جي لاءِ ضابطه اخلاق جي عنوان سان منعقد سيمينار کي نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر ظفر اقبال قادر، اسلامي يونيورسٽي جي صدر ڊاڪٽر ممتاز احمد، يونيورسٽي جي ريڪٽر فتح محمد ملڪ، سينيئر صحافين شفقت منير ۽ متين حيدر به خطاب ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته آفتن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال ۾ خبرن جي پهچ تمام اهم شعبو آهي ۽ سڄي دنيا ۾ اهڙن خطن ۾ خبرن جي فراهمي جي لاءِ تربيت يافته صحافين کي موڪليو وڃي ٿو ڇو ته ننڍڙي غلطي وڏي نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿي. هن چيو ته گذريل سالن ۾ پاڪستان ۾ ميڊيا خاص طور تي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي شعبي ۾ ڀرپور ترقي ۽ ان جي تعداد ۾ اضافو ٿيو پر ميڊيا جي صلاحيت ۽ تربيت جي لاءِ انهي انداز ۾ سهولت مهيا نه ٿي. هن چيو ته جمهوري حڪومت ميڊيا ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻهن جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ پيشيواراڻي تربيت جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ان ڏس ۾ قدم کڻي رهي آهي ته جيئن اسان جي ميڊيا جديد پيشيواراڻين مهارتن ۽ جديد رجحانن ۽ فني طور تي وڌيڪ مضبوط ٿئي ۽ پيشيواراڻن معاملن ۾ وڌيڪ سهولت ميسر اچي سگهي. ان ڏس ۾ جمهوري حڪومت ميڊيا يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ۽ چين سان حصيداري واري عمل تي اڳڀرائي ڪري رهي آهي. هن چيو ته مجموعي طور تي اليڪٽرانڪ ميڊيا جو ڪردار مثبت رهيو آهي، تنهن هوندي به اهو شعبو پنهنجي ارتقائي مرحلن مان گذري رهيو آهي ۽ وقت سان گڏوگڏ ان ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. هن چيو ته قدرتي آفتن جي نتيجي ۾ تباهي جي صورتحال يا ڪنهن هنگامي ماحول ۾ سنسني خيزي پيدا ٿيڻ سان بحران ۾ هڪ نئون بحران پيدا ٿيندو، ان جي نتيجي ۾ وڌيڪ مسئلا جنم وٺن ٿا. ان پهلو سان ميڊيا کي به ادراڪ ڪرڻو پوندو ته هو اهڙي نازڪ موقعن موجب وڌيڪ ذميواري جو مظاهرو ڪري.

 
> PDF Print E-mail

وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني پاران اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور ۾ يونيورسٽي ڪاليج آف ايگريڪلچر اينڊ انوائرنمينٽل سائنسز جو افتتاح

بهاولپور - 15  مارچ (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ڪالهه خميس ڏينهن اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور ۾ يونيورسٽي ڪاليج آف ايگريڪلچر اينڊ انوائرنمينٽل سائنسز جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم اسلاميه يونيورسٽي جي پنجين ڪانووڪيشن کي خطاب دوران يونيورسٽي ۾ آءِ ٽي بلاڪ جي اڏاوت لاءِ 2 ڪروڙ رپين جي گرانٽ جو به اعلان ڪيو ۽ اسڪالرز ۾ ميڊلز ۽ ڊگريون ورهايون.

 
> PDF Print E-mail

هڪ ڀٽو ويندو ته ٻيو اچي ويندو، شهيد ڀٽو ڦاهي چڙهي ويو اصولن تي سوديبازي نه ڪئي، صدر آصف علي زرداري 8 ۽ مون 5 سال ڪاٽي آهي پر اسان ٺاهه نه ڪيو، مون نوڪريون هندستانين کي نه پر پنهنجي ملڪ جي غريبن کي ڏنيون آهن،: وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني

ميلسي / ملتان - 15  مارچ (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي هڪ نظريي جو نالو آهي، جيڪا دلير ماڻهن جي پارٽي آهي، ان جا ڪارڪن مضبوط آهن، هڪڙو ڀٽو ويندو ته ٻيو ايندو، ٻيو ويو ته ٽيون ايندو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڦاهي چڙهي ويو پر هن اصولن تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو عوام جي حقن لاءِ پنهنجي قرباني ڏئي ڇڏي، سرائيڪي صوبو اسان جو حق آهي ۽ اهو حق اسان وٺي ڏيکارينداسين. صدر آصف علي زرداري 8 ۽ مون 5 سال جيل ڪاٽيو پر اسان ڪو به ٺاهه نه ڪيو. وزيراعظم ڪالهه خميس ڏينهن ريلوي گرائونڊ ميلسي ۾ هڪ وڏي عوامي جلسي کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هڪ تحريڪ جو نالو آهي، هڪ مشن ۽ نظريي جو نالو آهي. هي غريبن جي پارٽي آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو غريبن کي زبان ڏني، کين عزت نفس ڏنو ۽ عوام کي طاقتور بڻايو. شهيد ڀٽو هڪ شخص هڪ ووٽ جو تصور ڏنو، هاڻي ڪو به مخدوم هجي يا عام ماڻهو سڀني جو ووٽ برابر آهي. وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڦاهي چڙهي ويو پر هن پنهنجي اصولن تي سوديبازي نه ڪئي. هو هڪ عالمگير شخصيت هو. شهيد ڀٽو چيو ته آئون ڪو به ٺاهه نه ڪندس، آئون تاريخ ۾ زندهه رهڻ چاهيان ٿو. وزيراعظم چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي به علم هو ته کيس شهيد ڪيو ويندو پر پوءِ به هو عوام جي حقن لاءِ پاڪستان آئي. هن عوام جي حقن لاءِ پنهنجي جان ڏئي ڇڏي. کيس ته شهيد ڪيو ويو پر سندس خيال ختم نه ڪري سگهيا. سندس منشور اڄ به موجود آهي، ان جو نظريو اڄ به زندهه آهي. وزيراعظم چيو ته جيڪي ماڻهو اسان تي الزام هڻن ٿا اهي نه ٿا ڄاڻن ته پيپلزپارٽي جا ڪارڪن جهڪڻ وارا نه آهن. شهيد ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ ان جي ڀائرن جان ته ڏئي ڇڏي پر اصولن تي سوديبازي نه ڪئي. صدر آصف علي زرداري 8 سال ۽ مون 5 سال جيل ڪاٽي پر اسان ڪو به ٺاهه نه ڪيو. منهنجو ڏوهه صرف اهو آهي ته مون ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون ۽ اهي نوڪريون هندستان نه پر پنهنجي ملڪ جي غريبن کي ڏنيون. آئون جيل ۾ هئس پر مون سوديبازي نه ڪئي.

 
> PDF Print E-mail

صدر آصف علي زرداري جي سڀاڻي ڇنڇر ڏينهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس لاءِ گادي واري شهر ۾ سيڪيورٽي سخت

اسلام آباد - 15  مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جي سڀاڻي ڇنڇر ڏينهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس لاءِ گادي واري شهر ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي، پوليس، رينجرز ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جا اضافي جوان مقرر ڪيا ويا آهن، آءِ جي آفيس اسلام آباد موجب صدر آصف علي زرداري جي ڇنڇر ڏينهن 17 مارچ تي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي گڏيل اجلاس کي خطاب جي موقعي تي وفاقي گادي واري شهر ۾ فول پروف سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا آهن. گهرو وزارت جي هدايت تي وفاقي گادي واري شهر سميت پارليامينٽ هائوس ۽ ريڊ زون جي لاءِ پوليس اهلڪارن، رينجرز ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جا اضافي جوان مقرر ڪيا ويا آهن. اسلام آباد جي اچ وڃ جي رستن تي پوليس گاڏين جي خصوصي چيڪنگ ڪندي، چيڪ پوسٽن تي سمورين گاڏين جي سخت مانيٽرنگ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي. مارگلا جي جبلن ۽ اسلام آباد ۾ موجود جهنگلي علائقن ۾ رينجرز ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي جوانن سميت وفاقي پوليس جا ڪمانڊوز مقرر هوندا. ريڊ زون ۾ داخلا جي لاءِ خصوصي پاسون جاري ڪيون وينديون. وفاقي پوليس کي هر وقت چوڪس رهڻ جي به هدايت جاري ڪئي وئي آهي.

 
More...
<< Start < Prev 151 152 153 154 155 156 157 158 159 160 Next > End >>

Results 1387 - 1395 of 2823

     

Earthquake News
Balochistan Earthquake 2013 News
Elections 2013
Elections 2013 News
Chinese Premier Visit to Pakistan
Chinese Prime Minister Visit to Pakistan Chinese Prime Minister Visit to Pakistan
Code of Conduct
Code of Conduct
Manifestos of Parties
Manifestos of Political Parties
Independence Day News
Independence Day News
Economic Survey
Economic Survey 2011-2012
Economic Survey 2010-2011
Economic Survey 2009-2010
Presidential address to the joint sitting of parliament
Presidential address to the joint sitting of parliament
Parlimentary Proceedings
National Assembly
Senate